هفتي ۾ ڪيترا ڏينهن وهنجڻ گهرجي؟ ماهرن جي راءِ تي بحث جنم ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوهان ڪيترا ڀيرا وهنجندا آهيو؟ هر ٻن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو؟ يا ان کان وڌيڪ يا گهٽ؟

ڪجهه ماڻهو ڏينهن ۾ 2 يا ٽي ڀيرا به وهنجندا آهن.

گهڻا ماڻهو سهڻو بڻجڻ جي لاءِ لوشن هڻندا آهن ۽ دوائن جو استعمال به ڪندا آهن ته جيئن جسم مان خوشبو اچي پر گهڻا ماڻهو ائين ناهن ڪندا.

ڪجهه ماڻهو ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو وهنجندا آهن پر ماهرن ٻڌايو آهي ته ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا وهنجڻ گهرجي. ماهرن جي اهڙي راءِ نئون بحث به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ ٽاڪ شو ۾ کل جا ٽن ماهرن ال روڪر، شينل جونز ۽ ڊيلن ڊريئر موجود هئا.

جڏهن اينڪر کانئن سوال ڪيو ته هر هفتي ڪيترا ڀيرا وهنجڻ گهرجي، هر ڏينهن، هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا، هفتي ۾ پنج ڀيرا يا هڪ ڀيرو.

ڊيلن ڊريئر چيو ته هفتي ۾ پنج ڀيرا وهنجڻ گهرجي، جڏهن ته روڪر ۽ جونز روزانو وهنجڻ تي زور ڏنو.

ماڻهو ان وقت حيران ٿي ويا جڏهن ماهر چيو ه اصل ۾ هفتي ۾ رڳو 2 يا 3 ڀيرا وهنجڻ گهرجي.

ماهرن چيو ته اهو اوهان جي زندگي جي ڪاوهنوار تي آهي، اوهان ڪهڙي آب هوا ۾ رهو ٿا، اوهان جو لائيف اسٽائل ڪهڙو آهي، اوهان ڪيترن سالن جا آهيو، اوهان جتي ڪم ڪريو ٿا اتان جو ماحول ڪهڙو آهي؟ جلد وهنجڻ سان کل خشڪ ٿي ويندي آهي. اوهان کي کل جي مسئلن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ماڻهن اهڙي شو جي پوسٽ تي تبصرا ڪيا، هڪ لکيو ته اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن جي جسم مان بوءِ ايندي آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته جيڪڏهن اوهان هفتي ۾ 2 ڀيرا وهنجندا ته هر ڏينهن ڪيئن هوندو؟ ڇا مون کي جواب ملندو؟ اسان ضرور بيمار ٿي ويندا. هڪ ٻئي واپيدار لکيو ته ها مان هفتي ۾ 2 يا 3 ڀيرا وهنجندو آهيان. جيڪڏهن مون کي پگهر گهڻو ايندو آهي ته هڪ ڀيرو وري وهنجندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.