پرويز خٽڪ، پي ٽي آءِ پارليمينٽرين جي چيئرمين شپ ۽ رڪنيت سان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليمينٽرين جي چيئرمين شپ ۽ ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرويز خٽڪ جنرل سيڪريٽري ذريعي پنهنجي استعيفيٰ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏي، هن پارٽي جي چيئرمين شپ ۽ ميمبرشپ ٻنهي تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرويز خٽڪ استعيفيٰ ۾ ڄاڻايو آهي ته صحت جي مسئلن سبب پارٽي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا نٿو ڪري سگهان، انڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.
پي ٽي آءِ پارليمينٽرين جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي پرويز خٽڪ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.