پاڪستاني فوج سعودي ۾ رڳو دفاعي مقصدن لاءِ موجود آهي، يمن تي حملن جون خبرون بي بنياد آهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستاني فوج سعودي عرب ۾ رڳو دفاعي مقصدن لاءِ موجود آهي، جڏهن ته يمن تي پاڪ فضائيه جي ڪارروائي يا ڪنهن به حملي جون خبرون بي بنياد آهن.
هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي.
سندس چوڻ هو ته مڪي دفاعي معاهدي بابت وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم مڪمل صلاح مشورا ڪيا، جڏهن ته سياسي قيادت کي به سڄي عمل ۾ شامل رکيو ويو.
ترجمان موجب، ترڪي طرفان زميني فوج موڪلڻ جو فيصلو ان جو پنهنجو معاملو آهي. ترڪي مڪي دفاعي معاهدي جو حصو آهي ۽ دفاع جي ذميواري سڀني ميمبر ملڪن تي لاڳو ٿئي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۾ رڳو دفاعي مقصدن لاءِ موجود آهي ۽ يمن تي پاڪ فضائيه جي ڪارروائي يا ڪنهن به حملي جون خبرون بي بنياد آهن.
پاڪستان پنهنجا فيصلا قانون ۽ پنهنجي ضابطن موجب ڪري ٿو، جڏهن ته سمورا معاملا صلاح مشوري سان طئي ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته مڪي دفاعي معاهدي جي اسٽريٽجڪ، سياسي ۽ دفاعي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير ۽ فيلڊ مارشل شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ دفاع لاءِ عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مڪي دفاعي معاهدي جي پارليامينٽ مان منظوري بابت سوال تي ترجمان چيو ته گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو سموري حڪومت جو هو، اهو ڪنهن هڪ ڌر جو اڪيلو فيصلو نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته معاهدي ۾ شموليت بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيا، جڏهن ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ٻئي سياسي اڳواڻ ۽ ڪابينا جا ميمبر آهن.

You might also like