نانا پاٽيڪر جو وڇوڙو: اَچي وَيئو مُنهنجِيءَ مَوت جو تماشو ڏسڻ؟

سرمد سولنگي

هو ممبئيءَ ۾ ٿيٽر ڪندو هو، جڏهن سميتا پاٽل کيس هندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.

هوءَ کيس چوندي هئي ته تون اهو ڪري سگهين ٿو، جيڪو نسلن کي متاثر ڪندو ۽ هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو.هن جي اداڪاريءَ هميشه ڇرڪائي ڇڏيندي هئي، سندس مڪالمن تي پڪڙ ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويندو هو، هو کلندي، کلندي روئارڻ جو فن ڄاڻندو هو.

هن ”ڪرانتي وير“ ۾ ڪاوڙيل نوجوان جي روپ ۾ پڙهيل طبقي کي پنهنجي آواز اُٿارڻ جو ڏڍ ڏنو، ”هو تُو تُو“ ۾ باغي/انقلابي بڻجي شعرن ۽ گيتن ذريعي سماج کي وڙهڻ جا گَسَ ڏسي ويو، ”خاموشيءَ“ ۾ بنا ڪنهن ٻول جي دل جي ترجماني ڪيائين ۽ ”وجود“ ۾ اهو سمجهائي ويو ته عشق انتها ته رَسي به اَڌورو رهجي وڃي ٿو. هو هر ڪردار ۾ پُراثر هو، هو ته ڪردار جي گهرائيءَ ۾ گهڙي ويندڙ آرٽسٽ هو. هو هڪ اهڙي انڊسٽريءَ ۾ اٽڪل پنجن ڏهاڪن تائين ٽِڪيو رهيو، جتي گليمر ٽيلنٽ جو ساهه ٻوساٽي ڇڏيندو آهي.  پرڪالهه اهو نانا به مري ويو!

 ڪالهه صبح سان ئي سوشل ميڊيا تي هن جي لاڏاڻي جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون، دل کي دلاسو ڏنم ته متان ڪٿان ڪا خبر اچي ته اهو افواهه آهي، پر پوءِ پُٽ ملهار به سندس ديهانت جي تصديق ڪئي. هندي سئنيما جو وڏو نالو، ٻاجهارو شخص، هاڻي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي، هڪ زندگي پردي کي ارپي، هو هاڻي پردي جي ٻيءَ پار هليو ويو آهي. حافظو هن جي فلمن ۽ مڪالمن کي هڪ هنڌ سهيڙي رهيو آهي ۽ منهنجي ذهن تي تري آيو آهي ته سندس فلم ”اَگني ساڪشي“ جو اُهو ڊائيلاگ، جڏهن هو ڀر واري گهر ۾ پارٽيءَ جي گوڙ سبب تنگ ٿي، وٽن وڃي چوندو آهي ته:” ڪهڙيءَ ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيا آهيو؟ دنيا ۾ اچي ڪهڙو ٿورو ڪيو اٿئي؟ ۽ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪردار آهي؟ لُڙ کڻي ڪيو ٿئي، ماڻهن کي تنگ ڪري رهيو آهين، ننڊ ڦٽائي رهيو آهين… گهڻو ٿيو، پارٽي اِز اوور، گو ٽو سليپ نائو…!

”ڪرانتي وير“ لاءِ کيس بهترين اداڪار جو قومي فلم ايوارڊ مليو هو. ڪيئي ڏهاڪن کانپوءِ به اڄ اها فلم سماجي حالتن سان رِليٽ ڪري ٿي. فلم جو آخري منظر ڏاڍو ڪرڀناڪ آهي، جڏهن پرتاپ (نانا جو ڪردار) کي وچ شهر ۾ ڦاهي ڏني وڃي ٿي ۽ ماڻهو تماشائين جيان اهو لِقاءُ ڏسي رهيا آهن. تڏهن هو انتهائي چَڙ مان چئي ٿو:”اَچي وَيئو مُنهنجِيءَ مَوت جو تماشو ڏسڻ؟ ته ڇا پيو ٿئي؟ مري ويس ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي وئي؟ سڀئي مرندا آهن. ڪجهه ماڻهو منهنجي موت جو تماشو ڏسڻ آيا آهن. هاڻي هي جلاد مون کي ڦاهي ڏيندو، جنهن کانپوءِ منهنجي زبان ۽ دوڏا ٻاهر نڪري ايندا، ٿوري دير لٽڪڻ کان پوءِ مون کي هيٺ لاٿو ويندو. پوءِ توهان هڙئي ڀوڳ چرچا ڪندا، گهر هليا ويندئو، ماني کائي سُمهِي پوندئو !“

نانا حياتيءَ جي پُڇاڙڪن سالن ۾ کوڙ سارا انٽرويو ڏنا، هو پنهنجي شخصيت جا اهي لڪل پاسا عام ڪندو رهيو، جن بابت کوڙ ماڻهو اڻواقف هئا.

ڀارتي صحافي ۽ ميزبان سورڀ دوِيدي اڄڪلهه ”انڊين ايڪسپريس“ سان واڳيل آهي، هو جڏهن ”لَلَن ٽاپ“ ۾ هو، تڏهن هن به نانا جو هڪ ڊگهو انٽرويو ڪيو هو، ان ئي انٽرويوءَ ۾ هن پنهنجي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻايو آهي. ان انٽرويو ۾ نانا پنهنجيءَ انتِم اِڇا بابت چيو هو ته ”مرڻ وقت ڪا به غلط فهمي نه هئڻ گهرجي… اسين ڄاڻون ٿا ته سڀاڻي مري وينداسين، چِتا ۾ 12 مَڻ ڪاٺ لڳندو، ايترو ئي لڳندو، پُٽ ملهار ئي ڪُل ملڪيت آهي، پنهنجي چِتا لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري رکيو اٿم، ڪاٺ سُڪل آهي، چئي ڇڏيو اٿم ته ان ۾ ئي ساڙجو، آليون ڪاٺيون استعمال نه ڪجو، نه ته دُونهون ٿيندو، دوست/يارَ ڀرپاسي ۾، ٻيا به اچي مِڙندا، انهن جي اکين ۾ دُونهون ويندو ته سندن اکين ۾ پاڻي ايندن ۽ مرڻ گهڙيءَ غلط فهمي ٿيندي ته مون لاءِ روئي رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ مرڻ مهل غلط فهمي نه هئڻ گهرجي!“

You might also like