سياسي ڇڪتاڻ  واري ماحول ۾ ڳالهين جي ضرورت

عبدالمجيد نائچ

پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ، وفاقي حڪومت جي سخت رويي ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت پاران بنا ڪنهن شرط جي ڳالهين لاءِ تياري، ڪيترن ئي حقيقتن کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي. هڪ پاسي تحريڪ انصاف اسلام آباد ڏانهن مارچ وسيلي پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ چاهي ٿي، پر پارٽي کي اميد مطابق وڏي انگ ۾ ڪارڪنن کي روڊن تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. ٻئي پاسي وفاقي حڪومت ان صورتحال کي تحريڪ انصاف تي سياسي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪندي نظر اچي ٿي. تحريڪ انصاف پاران عمران خان سان ملاقاتن، علاج جي سهولت، سياسي ڪارڪنن جي آزادي ۽ قيدين کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جا مطالبا بنيادي طور تي اهڙا ناهن، جن کي ناجائز قرار ڏئي سگهجي. قيدين سان قانون ۽ آئين موجب ورتاءُ ٿيڻ گهرجي ۽ سياسي اختلاف کي انساني ۽ قانوني حقن کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. پر موجوده سياسي ڇڪتاڻ ۾ وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائي جي معاملي کي به سياسي دٻاءَ جو ذريعو بڻائيندي محسوس ٿئي ٿي.

ساڳئي وقت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو انداز به وڌيڪ سخت ٿيندو پيو وڃي. عمران خان لاءِ سياسي ۽ قانوني سهولتن جي مطالبي کي هو اهڙي جارحاڻي لهجي ۾ پيش ڪري رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي خود سندس سياسي پوزيشن لاءِ مسئلو بڻجي سگهي ٿو. لانگ مارچ دوران سندس تيز ۽ سخت تقريرون وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ هنگامي حالت يا گورنر راڄ بابت سوچڻ جو جواز فراهم ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته اهڙي زبان وڏي وزير لاءِ مستقبل ۾ قانوني پيچيدگيون به پيدا ڪري سگهي ٿي. سياست ۾ احتجاج، نعرا ۽ سخت بيان ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر سياسي اختلاف جڏهن ملڪي مفادن کان مٿانهون ٿي وڃن ته صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. ان ڪري هن وقت ذميواري رڳو تحريڪ انصاف تي لاڳو نٿي ٿئي، وفاقي حڪومت کي به پنهنجي رويي تي نظر وجهڻ گهرجي. هڪ وڏي سياسي جماعت جي جائز مطالبن کي نظرانداز ڪري ان کي وڌيڪ اشتعال ڏيارڻ سان مسئلو حل ٿيڻ بدران پيچيده ٿيندو.

موجوده صورتحال مان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن وڏي عوامي طاقت سان لانگ مارچ جاري رکڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهي آهي ته وفاقي حڪومت به هنگامي حالت يا گورنر راڄ جي امڪان کي سياسي دٻاءَ طور استعمال ڪندي پارٽي اندر اختلاف پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي مرضي جي سياسي رخ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تنهن هوندي به وفاقي حڪومت شايد هن وقت خيبر پختونخواهه ۾ سڌي مداخلت کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قدم سان سياسي ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اخلاق ڳنڀير ٿيڻ جو خدشو موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو حڪومتي وزير هڪ طرف گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪن ٿا ته ٻئي طرف ڳالهين جو دروازو به کليل رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. تحريڪ انصاف جي صورتحال به ان کان گهڻي مختلف ناهي. پارٽي اسلام آباد کي سياسي طور فتح ڪرڻ جا اعلان ڪندي رهي ٿي، پر ساڳئي وقت ڳالهين لاءِ تيار هجڻ جو پيغام پڻ ڏئي ٿي. سوال اهو آهي ته جڏهن ٻنهي ڌرين کي آخرڪار ڳالهين جي ميز تي ئي اچڻو آهي ته پوءِ ڳالهين جا دروازا بند ڪري هڪ ٻئي کي للڪارڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي؟ آچر واري ڏينهن سڌين ڳالهين جو سلسلو ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين پاران اهڙو تاثر پيدا ڪيو ويو، ڄڻ ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ هاڻي سياسي محاذ آرائي ئي واحد رستو بچيو هجي. تحريڪ انصاف جي معاملي ۾ شايد لانگ مارچ بابت اندازن جي غلط فهمي سان گڏ قيادت اندر اختلاف به ان فيصلي تي اثرانداز ٿيا هجن. پر ڪجهه ڏينهن جي احتجاج کان پوءِ هاڻي پارٽي توڙي خيبر پختونخواهه جي حڪومت لاءِ به اهڙي صورتحال مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ ضروري ٿي ويو آهي.

اهڙي موقعي تي وفاقي حڪومت کي سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڪجهه جائز سهولتون ڏئي اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها. پر ان جي ابتڙ حڪومت هن سياسي ڪمزوري واري مرحلي کي خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي خلاف فوجي ڪارروائي بابت پنهنجي موقف کي مڃرائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. حالانڪه اهڙي حساس معاملي تي الزام تراشي ۽ سخت بيانن بدران ڳالهين ذريعي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ وڌيڪ مناسب ۽ نتيجا ڏيندڙ رستو ٿي سگهي ٿو. ملڪ سان وفاداري جو سوال تحريڪ انصاف يا حڪمران ڌرين مان ڪنهن هڪ تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. سڀئي سياسي قوتون ملڪ جي بهتري جون دعويدار آهن، پر سياسي ٽڪراءَ جي موجوده ماحول ۾ ڌمڪين ۽ سخت بيانن سان فاصلا گهٽجڻ بدران وڌندا. اهڙي صورتحال ۾ مفاهمت جي جاءِ تي انتشار پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو، جنهن جو نقصان ڪنهن هڪ پارٽي کي نه پر سڄي ملڪ کي برداشت ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن وفاقي حڪومت واقعي ڳالهين وسيلي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي ته وزيراعظم پاران لانگ مارچ ختم ڪري ڳالهين جي دعوت ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي. پر حڪومت کي ڪمزور ٿيندڙ احتجاجي تحريڪ کي سياسي سوديبازي لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙي حڪمت عملي سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت لانگ مارچ کان پريشان ٿي ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي.

وزيراعظم لاءِ ضروري هو ته ڳالهين جي شروعات کان اڳ اعتماد سازي لاءِ ڪجهه قدم کڻي. عمران خان سان ملاقاتن جو معاملو جيڪڏهن سندس اختيارن کان ٻاهر به هجي، تڏهن به هو پنهنجي سياسي تجربي ۽ حڪومتي حيثيت کي استعمال ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نرم رويو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏئي سگهي ٿو. اهڙي ئي طريقي سان وفاق ۽ خيبر پختونخواهه جي حڪومت وچ ۾ خراب ٿيل لاڳاپن کي به بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت گورنر ۽ صوبائي انتظاميا وسيلي خيبر پختونخواهه جي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جي جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، اها شايد هنگامي حالت يا گورنر راڄ کانسواءِ صوبائي حڪومت کي ڪمزور رکڻ جو هڪ طريقو سمجهي وڃي ٿي. ساڳئي وقت اهڙا امڪان پڻ ڳوليا پيا وڃن ته وڏي وزير کي سياسي يا قانوني طور گهيري ۾ آڻي کيس نااهل ڪرائڻ يا عهدي تان هٽڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو رستو ڪڍيو وڃي.

ممڪن آهي ته حڪومتي حلقن ۾ ڪجهه ماڻهو اهو سمجهندا هجن ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي نئين وڏي وزير جي چونڊ جي عمل ۾ وجهي سگهجي ته موجوده احتجاجي مهم جي رفتار پاڻمرادو گهٽجي ويندي. پر سياسي بحرانن جو حل اهڙين عارضي ۽ وقتي حڪمت عملين سان ممڪن ناهي. ملڪ کي درپيش مسئلا گهرا ۽ پيچيده آهن، جن لاءِ مستقل سياسي حل ۽ وسيع اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. ٻئي طرف وڏي وزير سهيل آفريدي به وفاقي حڪمت عملي کي محسوس ڪندي پنهنجي بيانن ۾ وڌيڪ سختي آندي آهي. تحريڪ انصاف جي سنجيده قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙي نازڪ مرحلي تي جذباتي تقريرون ۽ اشتعال انگيز بيان پارٽي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ بدران نيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿا.

تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي لاءِ هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مختصر مدي جي سياسي فائدي بدران ملڪ جي وسيع مفاد کي سامهون رکيو وڃي. جذباتي نعرا سياسي ماحول کي گرمائي سگهن ٿا، پر مسئلا حل نٿا ڪن. ڳالهين ۽ مفاهمت جو رستو شايد ڏکيو هجي، پر ٽڪراءَ، ڌمڪين ۽ مسلسل الزام تراشي جي مقابلي ۾ اهو ئي اهڙو رستو آهي، جيڪو سياسي بحران کي وڌيڪ سنگين ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. وقتي جوش ۾ ڪيل فيصلا شايد ڪنهن ڌر کي ٿوري دير لاءِ سياسي فائدو ڏين، پر انهن جو نقصان ملڪ ۽ سياسي نظام ٻنهي کي ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like