سعودي راڄڌاني ۾ ڌماڪا، حوثين جو ڪنگ خالد هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ خميس ڏينهن ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جڏهن ته سفارتڪارن موجب کين پنهنجي سفارتخانن جي عمارتن اندر پناهه وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.
برطانوي ميڊيا موجب، اها اڳڀرائي سعودي عرب ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران سامهون آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقامي رهواسين ٻڌايو ته عالمي اسڪولن احتياطي قدم کنيا آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ اسڪول ۾ ٻارن کي حفاظت لاءِ بيسمينٽ ۾ منتقل ڪيو ويو.
ڪنگ عبدالله فنانشل ڊسٽرڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ٻن ماڻهن ٻڌايو ته ڪجهه ڪمپنين پنهنجا آفيس خالي ڪرائي ڇڏيا.
برطانوي ميڊيا موجب، رياض ۾ موجود ”نيويارڪ ٽائمز“ جي هڪ رپورٽر پڻ ٻڌايو ته هن ٿوري وقفي دوران هڪ کان پوءِ ٻيهر ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي اختيارين شهرين کي ميزائل ۽ ڊرون حملن بابت ڄاڻ شيئر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته اهڙي معلومات پکيڙڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
برطانوي ميڊيا موجب، حوثي گروپ انصارالله خميس ڏينهن دعويٰ ڪئي ته هن رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻايو آهي.
حوثين جو چوڻ آهي ته ميزائل پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو، جنهن سبب ايئرپورٽ جون سرگرميون متاثر ٿيون.
تنهن هوندي به ان دعويٰ بابت سعودي عرب طرفان فوري طور تي ڪا تصديق سامهون نه آئي.

You might also like