اَي آءِ چِپس جي طلب ۾ واڌ، سام سنگ کي 80 ارب ڊالر رڪارڊ منافعي جي اميد

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ اليڪٽرانڪس چيو آهي ته کيس اميد آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٽِين ٽه ماهي جي آپريٽنگ منافعي ۾ 9 ڀيرا اضافو ٿيندو، جنهن جو وڏو سبب هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) جي ڊيٽا سينٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ميموري چِپس جي وڌندڙ طلب آهي.
سام سنگ جي ڪاٿي موجب، سيپٽمبر تي ختم ٿيندڙ ٽه ماهي دوران ڪمپني جو آپريٽنگ منافعو وڌي 107.4 ٽريلين وون، يعني تقريبن 80 ارب ڊالر، تائين پهچي ويندو.
جيڪڏهن اهو اندازو درست ثابت ٿيو ته اها سام سنگ لاءِ لڳاتار چوٿين ٽه ماهي هوندي، جنهن دوران ڪمپني رڪارڊ منافعو حاصل ڪندي.
سام سنگ دنيا ۾ ميموري چِپس ٺاهيندڙ وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي، ان جي ڏکڻ ڪوريا واري مخالف ايس ڪي هائنڪس ۽ آمريڪي ڪمپني مائڪرون به اهڙيون چِپس تيار ڪن ٿيون، جيڪي اين ويڊيا جهڙين اي آءِ ڪمپنين لاءِ انتهائي اهم آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي هن ڪمپني کي آگسٽ ۾ متعارف ڪرايل پنهنجي نئين فولڊنگ ڊوائيسز مان پڻ منافعي جي اميد آهي.
سام سنگ جا ٽِين ٽه ماهي جا مڪمل مالي نتيجا آڪٽوبر جي آخر ۾ جاري ڪيا ويندا.
اَي آءِ لاءِ گهربل ڪمپيوٽر چِپس جي عالمي گهرج ۾ نمايان واڌ آهي، جنهن سبب هن ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل چِپ ٺاهيندڙ ڪمپنين جي آمدني ۽ شيئرز جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي.

You might also like