ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان هندي سئنما جي ناليواري اداڪار نانا پاٽيڪر جي ديهانت تي جذباتي پيغام شيئر ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي..
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ شاهه رخ خان نانا پاٽيڪر سان پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو ته ” جڏهن مان پهريون ڀيرو ساڻس مليو هئس ته سندس رعب ۽ پنهنجي هٻڪ سبب وارن سان هٿ چراند ڪري رهيو هئس. نانا منهنجو هٿ پري ڪندي چيو، ”هيرو وانگر وار نه ٺاهه… تون اداڪار آهين!“
شاهه رخ خان لکيو ته ” اهو ئي نانا هو، جيڪو سڌو سنئون، کرو، ايماندار ۽ خوبصورت مُرڪ وارو شخص هو. هو ڪنهن جي خوشامد نه ڪندو هو ۽ نه ئي اها ڳالهه چوندو هو، جيڪا سامهون وارو ٻڌڻ چاهيندو هو، پر اها ڳالهه ضرور چوندو هو، جيڪا ٻڌڻ جي ضرورت هوندي هئي.“
هن چيو ته نانا وٽ محبت جي اظهار جو به عجيب ڍَنگُ هو. هو پهريان رڙ ڪندو هو ۽ پوءِ سندس ٽين يا چوٿين گار جي وچ ۾ اوچتو احساس ٿيندو هو ته هو ڀاڪر ۾ ڀري رهيو آهي.“
شاهه رخ خان موجب، نانا سندس استاد، رهبر، نقاد ۽ دوست هو، جيڪو ڪيرم جي راند ۾ کيس ۽ پنهنجي ڀرسان موجود ٻين ماڻهن کي هڪ کان پوءِ ٻي راند ۾ مات ڏئي، هر فتح مان دل کولي لطف ماڻيندو هو.
هن لکيو ”نانا، تنهنجي شدت، تنهنجا ٽهڪ، تنهنجو جنون ۽ تنهنجي محبت هميشه اسان سان گڏ رهندي.“
شاهه رخ خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاش! انهن وٽ وڌيڪ ڳالهين، هڪ ٻي بحث، چانهه جي هڪ ٻي پيالي ۽ ڪيرم جي هڪ ٻي راند لاءِ وقت هجي ها.
هن چيو ته نانا رڳو سئنما جي دنيا ۾ نه، پر ڀارتين ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي دلين ۾ اهڙو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو ڀرڻ سولو نه هوندو.
شاهه رخ خان لکيو، ”مان توکي ڏاڍو ساريندس ۽ تنهنجا لفظ پنهنجي دل ۾ آخري گهڙيءَ تائين سانڍي رکندس: هيرو بڻجڻ جي چڪر ۾ اداڪار نه وڃائي ويهجانءِ. ريسٽ اِن پيس، نانا “
”ڪاش! هڪ پيالي چانهه ۽ ڪيرم جي آخري راند لاءِ وقت هجي ها“، نانا پاٽيڪر جي وڇوڙي تي شاهه رخ خان جذباتي ٿي ويو
You might also like