پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي معيشت، سماجي جوڙجڪ ۽ آباديءَ جو وڏو حصو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح زراعت سان وابسته آهي. زراعت نه رڳو ملڪ جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي، پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏ ملڪي مجموعي پيداوار ۽ برآمدات ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر گذريل ٻن ڏهاڪن دوران موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن پاڪستان جي زرعي بنيادن کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گرمي پد ۾ مسلسل واڌ، غير متوقع برساتون، شديد ٻوڏون، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڊگها ڏڪار هاڻي ملڪ جي زرعي مستقبل لاءِ چئلينج بڻجي چڪا آهن.
پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جيتوڻيڪ عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ ملڪ جو حصو تمام گهٽ آهي. موسمن جو روايتي توازن تيزيءَ سان بگڙي رهيو آهي. اونهاري ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ سبب زمين جي نمي گهٽجي ٿي، پاڻيءَ جي ضرورت وڌي وڃي ٿي ۽ ڪيترن علائقن ۾ فصلن جي پوک ۽ واڌ ويجهه متاثر ٿئي ٿي. ٻئي طرف برساتن جو نظام پڻ پنهنجي روايتي نموني کان هٽي رهيو آهي. ڪٿي ٿوري وقت ۾ غيرمعمولي تيز برساتون ٻوڏن جو سبب بڻجن ٿيون ته ڪٿي مهينن تائين برسات نه پوڻ سبب ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي.
پاڪستان جي زراعت جو وڏو دارومدار سنڌو درياهه ۽ ان سان لاڳاپيل آبپاشي نظام تي آهي. موسمياتي تبديلين، گليشيئرن جي تيزيءَ سان پگهرڻ ۽ برساتن جي بيقاعدگيءَ سنڌو درياهه جي وهڪري کي به وڌيڪ غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي انهن مهينن ۾، جڏهن فصلن کي پاڻيءَ جي شديد ضرورت هوندي آهي، پاڻيءَ جي کوٽ آبادگارن لاءِ وڏو مسئلو بڻجي وڃي ٿي. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پوکائيءَ ۾ دير سبب ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ٻين اهم فصلن جي في ايڪڙ پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جا اثر آخرڪار ملڪي معيشت تائين پهچن ٿا. زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي جو سڌو اثر خوراڪ جي تحفظ تي پوي ٿو. جڏهن اهم فصلن جي پيداوار گهٽجي ٿي ته مارڪيٽ ۾ خوراڪ جي شين جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي، قيمتون وڌن ٿيون ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ روزمرهه جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ٻوڏن، ڏڪار ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب پاڪستان کي اربين رپين جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. 2010ع ۽ 2022ع جون تباهه ڪندڙ ٻوڏون ان جا وڏا مثال آهن، جن زرعي زمينن، فصلن، مال متاع ۽ آبادگارن جي معاشي زندگيءَ کي سخت متاثر ڪيو. اهڙين حالتن ۾ حڪومت تي بحالي ۽ امداد جو بار وڌي وڃي ٿو، جڏهن ته خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ درآمدات تي ڀاڙڻ پڻ وڌي ٿو.
هن بحران جو سڀ کان وڏو بار ننڍي هاري ۽ آبادگار تي پوي ٿو. هڪ طرف فصلن جي تباهي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ موسمياتي آفتون سندس آمدني ختم ڪن ٿيون، ته ٻئي طرف ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، ڊيزل ۽ ٻين زرعي لوازمات جي وڌندڙ قيمتن سندس خرچ ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي. ڪيترائي هاري قرض کڻي پوک ڪن ٿا ۽ جڏهن قدرتي آفت سندن فصل تباهه ڪري ڇڏي ٿي ته قرض واپس ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو. اهڙي معاشي دٻاءَ سبب ٻهراڙين مان ماڻهن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي شهري بيروزگاري، ڪچي آبادين جي واڌ ۽ ٻين سماجي مسئلن کي جنم ڏئي ٿي. مسئلو رڳو فصلن جي تباهيءَ تائين محدود ناهي. موسمياتي تبديلي هاريءَ جي مستقبل جي تحفظ کي به خطري ۾ وجهي رهي آهي. جيڪو آبادگار سالن کان پنهنجي زمين سان جڙيل آهي، جيڪڏهن هر نئين موسم ۾ ٻوڏ، ڏڪار يا پاڻيءَ جي کوٽ جي خوف هيٺ زندگي گذاريندو ته زراعت سان سندس وابستگي به ڪمزور ٿيندي. ان ڪري موسمياتي تبديليءَ کي رڳو ماحولياتي مسئلو سمجهڻ بدران ان کي خوراڪ، روزگار، معيشت ۽ سماجي استحڪام جو مسئلو سمجهڻ ضروري آهي.
جيڪڏهن وقت سر مؤثر حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان کي پاڻي، خوراڪ ۽ زرعي معيشت جي حوالي سان وڌيڪ سنگين بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ان لاءِ روايتي زرعي طريقن سان گڏ جديد ۽ موسمياتي موافق زراعت ڏانهن وڌڻ ضروري آهي. سڀ کان پهرين آبپاشيءَ جي نظام ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ڊرِپ آبپاشي ۽ اسپرنڪلر نظام کي عام ڪيو وڃي. جديد آبپاشيءَ جا اهي طريقا گهٽ پاڻيءَ سان وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ساڳئي وقت پاڻيءَ جي واهن، شاخن ۽ ورڇ واري نظام کي بهتر بڻائي ليڪيج ۽ ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.
ان سان گڏ اهڙن فصلن ۽ ٻجن جي تحقيق ۽ واڌاري تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، جيڪي وڌيڪ گرمي پد، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ بدلجندڙ موسمي حالتن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن. زرعي تحقيقاتي ادارن کي هارين جي ضرورتن سان ڳنڍي مقامي موسمي حالتن مطابق نوان ۽ بهتر ٻج تيار ڪرڻ گهرجن، ته جيئن موسمياتي تبديليءَ جي اثرن باوجود پيداوار کي برقرار رکي سگهجي.برساتي پاڻيءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ننڍا ۽ وڏا ذخيرا، ڊيم، تلاءَ ۽ پاڻي گڏ ڪرڻ جا جديد نظام قائم ڪري برساتي پاڻي محفوظ ڪيو وڃي، جنهن کي ضرورت جي وقت زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. اهڙي رٿابندي نه رڳو پاڻيءَ جي کوٽ کي گهٽائي سگهي ٿي، پر شديد برساتن دوران ٻوڏ جي خطري کي به ڪجهه حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاريءَ کي موسمياتي بحران جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي. حڪومت کي آبادگارن جي سڃاڻپ، زرعي بيمه، سستي ڀاڻ، معياري ٻج، آسان قرضن ۽ بروقت مالي سهائتا لاءِ مؤثر نظام جوڙڻ گهرجي. قدرتي آفتن سبب فصل تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ هاريءَ کي فوري معاوضو ۽ ٻيهر پوک لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ ضروري آهي.
پاڪستان جي زرعي مستقبل جو تحفظ رڳو هاريءَ جو مسئلو ناهي، پر اهو پوري ملڪ جي معاشي ۽ سماجي مستقبل سان ڳنڍيل سوال آهي. جيڪڏهن زمين آباد رهندي، پاڻي محفوظ رهندو ۽ هاري خوشحال ٿيندو ته ملڪ جي خوراڪ، معيشت ۽ سماجي استحڪام کي به مضبوط بنياد ملندو. پر جيڪڏهن موسمياتي تبديليءَ جي خطرن کي نظرانداز ڪيو ويو ته سائي ڌرتيءَ جا خواب آهستي آهستي بنجر حقيقت ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. ان ڪري وقت جا تقاضا آهي ته موسمياتي تبديليءَ کي ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهڻ بدران اڄ جو مسئلو سمجهي ان لاءِ سنجيده، مستقل ۽ عملي پاليسيون جوڙيون وڃن. ڇو ته سائي ڌرتي ئي خوشحال هاريءَ ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.