”مان نٿو چاهيان ته هي گهڙي ڪڏهن ختم ٿئي“ رٽائرمينٽ تي ميسي جي جذباتي تقرير

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي جي شاندار قومي ڪيريئر جي پڄاڻي بيونس آئرس ۾ بينن خلاف دوستاڻي ميچ ۾ گول سان ٿي.
ميسي جو چوڻ آهي ته هو شُڪر، فخر ۽ اطمينان وارو احساس کڻي قومي ٽيم کان ڌار ٿي رهيو آهي، ميسي هلندڙ سال آگسٽ ۾ عالمي فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
برطانوي ميڊيا موجب، 39 ورهين جي ميسي ارجنٽينا لاءِ پنهنجي 208هين ۽ آخري عالمي ميچ ۾ ٻئي هاف دوران پنالٽي تي گول ڪيو. هن ميچ جي 48هين منٽ ۾ نڪولس اوٽامندي ۽ 61هين منٽ ۾ نڪولس پاز کي گول ڪرڻ ۾ مدد پڻ فراهم ڪئي.
ارجنٽينا دوستاڻي ميچ ۾ بينن کي 3-0 تان شڪست ڏني.
هو پنهنجي پيءُ خورخي جي لاڏاڻي کانپوءِ پهريون ڀيرو ارجنٽينا طرفان کيڏي رهيو هو، سندس والد ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 68 ورهين جي ڄمار لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ميچ جي پڄاڻي تي ميسي مداحن کي لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين خطاب ڪيو.
ان دوران سندس ڪجهه ساٿي رانديگر، جن ۾ مانچسٽر سٽي جو اينزو فرنانڊيز به شامل هو، جذباتي ٿي ويا.
ميسي اعتراف ڪيو ته هو ميدان ڇڏڻ نٿو چاهي.
هن چيو ته ”هن وقت منهنجي دل ۾ اڻکٽ جذبا آهن. يقين ڪريو مون کان کوڙ اهڙيون ڳالهيون وسري رهيو آهن، جيڪي مان چوڻ چاهيان پيو، ڇاڪاڻ ته هي منهنجي لاءِ ڏاڍي ڏُکي گهڙي آهي، سڀ کان پهريان منهنجي ذهن ۾ پنهنجي پيءُ جو خيال اچي ٿو.“
هن چيو ته ”مان هتان شڪر، فخر ۽ اطمينان جي احساس سان رخصت ٿي رهيو آهيان، هر شيءِ لاءِ اوهان سڀني جي مهرباني.“
ميسي ميچ ۾ مڪمل 90 منٽ ميدان ۾ رهيو، ان کانپوءِ مونيومينٽل اسٽيڊيم ۾ موجود 85 هزار مداحن لاءِ ليزر لائٽ شو، لائيو ميوزڪ ۽ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو.
رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي آگسٽ ۾ ميسي چيو هو ته اهو هڪ تڪليف ڏيندڙ فيصلو آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي.
اٺ ڀيرا بيلن ڊي اور کٽيندڙ ميسي ٻڌايو هو ته هن ارجنٽينا جي اسپين هٿان ورلڊ ڪپ فائنل ۾ شڪست کان ٻه ڏينهن پوءِ 21 جولاءِ تي پنهنجي رٽائرمينٽ جو پيغام لکي ڇڏيو هو.
ميسي 2005ع ۾ هنگري خلاف دوستاڻي ميچ دوران 63هين منٽ ۾ متبادل رانديگر طور ميدان ۾ اچي ارجنٽينا لاءِ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.
جيتوڻيڪ ميسي لاءِ عالمي فٽبال ۾ شروعات ڏکي رهي، پر پوءِ هن جو ڳاڻيٽو راندين جي تاريخ جي عظيم ترين رانديگرن ۾ ٿيڻ لڳو.
هن ارجنٽينا لاءِ هڪ فيفا ورلڊ ڪپ ۽ ٻه ڪوپا آمريڪا جا ٽائيٽل کٽيا.
هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ 21 گولن سان ٻيو سڀ کان گهڻا گول ڪندڙ فٽبالر آهي، جڏهن ته پهرئين نمبر تي فرانس جو ڪليان ايمباپي 22 گولن سان موجود آهي.
اهڙيءَ ريت عالمي فٽبال ۾ مجموعي گولن جي فهرست ۾ به ميسي 126 گولن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته سندس همعصر ۽ روايتي مخالف پرتگال جو ڪرسٽيانو رونالڊو 146 گولن سان پهرئين نمبر تي آهي.
پنهنجي آخري عالمي ميچ کانپوءِ خطاب ڪندي ميسي چيو ته ”هاڻي مون وٽ هن جرسي جو شڪريو ادا ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي بچيو.“
هن چيو ته ”20 سالن تائين، ايستائين جو بدترين دورن ۾ به مون ڪڏهن جدوجهد ڪرڻ، اڳتي وڌڻ، پنهنجي مڪمل صلاحيت استعمال ڪرڻ ۽ هتي پهچڻ لاءِ پوري طاقت لڳائڻ کان پاسو نه ڪيو.“
ميسي چيو ته ”هاڻي ارجنٽينا جي قومي ٽيم جو حصو نه رهڻ منهنجي لاءِ گهڻو تڪليف ڏيندڙ هوندو.“
هن چيو ته ”جيڪڏهن اهو فيصلو منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته مان سڄي زندگي هتي رهڻ پسند ڪريان ها، ڇاڪاڻ ته ارجنٽينا لاءِ کيڏڻ دنيا جي سڀ کان خوبصورت شيءِ آهي.“
هن چيو ته ”منهنجو خيال آهي ته اڄ مان شايد اڳ کان وڌيڪ ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مان نٿو چاهيان ته هيءَ گهڙي ڪڏهن ختم ٿئي.“
ميسي چيو ته ”پر منهنجو خيال آهي ته هاڻي منهنجي رٽائر ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.“
هن چيو ته گذريل ورلڊ ڪپ دوران جيڪي ڪجهه ٿيو، ان اسان لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيدا ڪيون.
”جڏهن اسان فائنل تائين پهتاسين ته اسان ۾ وڌيڪ توانائي نه بچي هئي، پر اسان هميشه وانگر آخري لمحي تائين جدوجهد جاري رکي.“
هن چيو ته ”اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽرافي کٽڻ جي تمام ويجهو پهچي ويا هئاسين ۽ اسان بابت جيڪي ڪجهه به چيو ويو، ان باوجود ڪجهه به عجيب نه ٿيو، انگلينڊ خلاف ميچ اسان کان تمام گهڻي توانائي ورتي، ڇاڪاڻ ته اسان ان ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لڳائي ڇڏيو هو.“
ميسي چيو ته ”2022ع ۾ اسان جو خواب رڳو منهنجي ذاتي خواب جي ساڀيان نه پر سڄي ملڪ جي خواب کي حقيقت بڻائڻ هو، يعني هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻجڻ ۽ اسان اهو ڪري ڏيکاريو.“
قومي ٽيم تان رٽائرمينٽ باوجود ميسي ميجر ليگ ساڪر (ايم ايل ايس) جي ٽيم انٽر ميامي لاءِ کيڏندو رهندو، سندس معاهدو 2028ع جي سيزن جي پڄاڻي تائين برقرار آهي.
بيونس آئرس ۾ جشن سان ڀرپور ان رات دوران ميدان تي ارجنٽينا جي ٽيم جي هڪ وڏي جرسي وڇائي وئي هئي، جنهن تي ميسي جو مشهور نمبر 10 ۽ اسپيني ٻوليءَ جو لفظ ”گراسياس“ يعني ”مهرباني“ لکيل هو.
ميچ شروع ٿيڻ کان 10 منٽن پوءِ راند ٻيهر روڪي وئي ته جيئن وڌيڪ آتشبازي جو مظاهرو ڪري سگهجي.
ان موقعي تي ميسي جي اعزاز ۾ مداحن بيهي زبردست داد ڏنو، جڏهن ته بينن جي هڙني فٽبالرن به ساڻس هٿ ملايو.
جڏهن سموريون پڄاڻيءَ تي پهتيون ته ميسي پنهنجي ان ئي انداز ۾ نظر آيو، جنهن لاءِ هو مشهور آهي، ۽ بينن خلاف هن شاندار راند پيش ڪئي.
برازيل جي فارورڊ ۽ ميسي جي اڳوڻي بارسلونا ۽ پئريس سينٽ جرمئن جي ساٿي رانديگر نيمار ايڪس تي لکيو ته ”رڳو ارجنٽينا ئي اوهان جو ٿورائتو ناهي، پر پوري دنيا فٽبال لاءِ اوهان جي خدمتن تي اوهان جي ٿورائتي آهي.“
هن چيو ته ”مهرباني، اوهان مون کي فٽبال سان اڃا وڌيڪ محبت ڪرڻ سيکاريو، اوهان خلاف کيڏڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو ۽ ان کان به وڌيڪ اوهان سان گڏ تاريخ جو حصو بڻجڻ جو موقعو ملڻ اعزاز هو.“
ميسي جي ويجهي دوست ۽ قومي توڙي ڪلب سطح تي ساڻس گڏ کيڏندڙ روڊريگو ڊي پال چيو ته ميسي نه رڳو کيس فٽبالر طور، پر انسان طور به بهتر بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.
هن چيو ته ”مان هڪ بهتر انسان، بهتر رانديگر، بهتر پيءُ ۽ بهتر دوست بڻيس.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مان کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ساڻس محبت ڪريان ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته هو منهنجو ڀاءُ آهي ۽ سندس دل تمام وڏي آهي.“
ارجنٽينا جي اڳوڻي رانديگر اينخل ڊي ماريا چيو ته ”کيس ايترو خوش ۽ مطمئن ڏسڻ، اهو ڄاڻندي ته هن پنهنجي سموري صلاحيت ۽ توانائي استعمال ڪئي، اسان سڀني لاءِ خوشي جو ڪارڻ آهي.“
هن چيو ته ”مان سڄي زندگي سندس ٿورائتو رهندس.“

ميسي کانپوءِ نمبر 10 جي جرسي ڪير پائيندو؟
ليونل ميسي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هاڻي ارجنٽينا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته نمبر 10 جي جرسي ڪير پائيندو.
ارجنٽينا جو ڪوچ ليونل اسڪالوني في الحال ان بحث کي فوري طور اڳتي وڌائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي.
فيفا جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب، اسڪالوني چيو آهي ته بوليويا ۽ برڪينا فاسو خلاف ميچن ۾ ڪو به رانديگر نمبر 10 جي جرسي نه پائيندو.
اسڪالوني اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ڪرسٽيان روميرو ارجنٽينا جو نئون ڪپتان هوندو، جڏهن ته ايميليانو مارٽينيز قيادت جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ ايندڙ ترجيح هوندو.
ان باوجود به ارجنٽينا جي مشهور نمبر 10 جي جرسي ڪهڙي رانديگر کي ملندي، اهو سوال اڃا جواب طلب آهي.
ڊيگو ميراڊونا جي دور کانپوءِ ايريئل اورٽيگا انهن رانديگرن ۾ شامل هو، جنهن اِهو نمبر پاتو. پر 2009ع ۾ جڏهن ميسي نمبر 10 جي جرسي سنڀالي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪڏهن به ڪو مونجهارو نه رهيو ته اها جرسي ڪنهن جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي.
هاڻي ميسي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ارجنٽينا فٽبال هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
ماضي ۾ ماريو ڪيمپس، ڊيگو ميراڊونا ۽ ليونل ميسي هن جرسي سان جڙيل روايتن کي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميسي کانپوءِ جن رانديگرن بابت اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته کين نمبر 10 جي جرسي ملي سگهي ٿي، انهن ۾ نيڪو پاز ۽ فرانڪو ماستانتونو جا نالا سڀ کان اڳرا آهن.

You might also like