يونيفارم ۾ سوشل ميڊيا وڊيوز ٺاهيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، نئين پاليسي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ(اسلام آباد پوليس سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نئين سوشل ميڊيا پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ذاتي مشهوري لاءِ پوليس اهلڪارن کي يونيفارم ۾ وڊيوز ٺاهڻ ۽ تصويرون ڪڍرائڻ تي مڪمل بندش هوندي.
پاليسي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري گاڏين، آفيسن ۽ خانگي هنڌن تي يونيفارم ۾ وڊيوز ٺاهيندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ اجازت کانسواءِ ميڊيا کي بيان ڏيڻ، عوامي فورمن تي ڳالهائڻ ۽ مضمون لکڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پاليسي موجب، پوليس اهلڪار سوشل ميڊيا تي پنهنجن ذاتي سياسي يا مذهبي نظرين جو اظهار نه ڪري سگهندا، جڏهن ته ڪنهن به قسم جا کاتي سان لاڳاپيل يا ڳجها دستاويز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تي به بندش هوندي هوندي.
کاتي جي هاڪاري سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ به ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز جي پبلڪ رليشنز برانچ کان اڳواٽ منظوري وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
پاليسي تحت يونٽ سربراهه پنهنجي عملي جي سوشل ميڊيا سرگرمين جي نگراني جا پاڻ ذميوار هوندا، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت کاتي واري ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسلام آباد پوليس موجب، نئين سوشل ميڊيا پاليسي فوري طور تي لاڳو ٿيندي ۽ ان کي آءِ جي اسلام آباد جي منظوري حاصل آهي.

You might also like