صدر ۽ وزيراعظم ۾ ملاقات، ڪي پي ۾ قدم کڻڻ بابت مشورا، مارچ ختم ڪريو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪِ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪندئو ته اوهان سان ڳالهائينداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڍائي سالن جي محنت ۽ ٽيم ورڪ ذريعي ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، جڏهن ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام وڏي ڏکيائي سان حاصل ٿيو. هن چيو ته اها قوم جي خواهش ۽ هر پاڪستاني جو آواز آهي ته پاڪستان کي عظيم بڻايو ويندو، پر بدقسمتي سان ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيون. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو عمل جاري آهي ته ٻئي طرف احتجاج سبب برآمدات، درآمدات ۽ مينوفيڪچرنگ واري شعبي کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست جو پهريون نشانو معيشت بڻجندي. شهباز شريف چيو ته ڇا ترقي جي ڦيٿي کي ٻيهر جام ڪرڻ ملڪ دشمني ناهي؟ هوش کان ڪم وٺو ۽ ڌرڻا ختم ڪريو. ڇا اوهان پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿا؟ مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪندا ته اوهان سان ڳالهائينداسين.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اتفاق ڪيو ته ڪنهن به آئيني ۽ قانوني قدم کڻڻ کان اڳ مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو.ذريعن موجب، ٻنهي پارٽين جا سينئر اڳواڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.ذريعن موجب، ملاقات ۾ خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ مان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ڪيو ويو. صدر ۽ وزيراعظم کي ڳالهين ڪميٽي جي ميمبرن بريفنگ ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي نشان امتياز ڏيڻ جي تقريب کان پوءِ ٿي.

You might also like