پي ٽي آءِ لانگ مارچ جو روٽ تبديل، اسا ٽيسٽ ميچ پيا کيڏون، هوريان هوريان اڳتي وڌنداسين:سهيل آفريدي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جي لانگ مارچ جي روٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، هاڻي قافلو پهريان خيبر ويندو، جنهن کانپوءِ پشاور روانو ٿيندو.
ڪوهاٽ مان روانگي جي موقعي تي يونيورسٽي چوڪ تي لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته اصل منصوبي تحت قافلي کي پشاور وڃڻو هو، پر خيبر جي عوام جي درخواست تي شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ”سڀاڻي پشاور کان چارسدا وڃڻ وارو جيڪو پلان هو، ان ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، ڇو ته خيبر جا ماڻهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته اسان انهن مهمانن جي مهمان نوازي ڪنداسين، تنهنڪري سڀاڻي خيبر وينداسين، ان کانپوءِ پشاور وينداسين.“
وڏي وزير ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي لانگ مارچ کي ڪرڪيٽ ميچ سان تشبيهه ڏني.
هن چيو ته ”اسان ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون، اڃا ڪيئي اوور باقي آهن ۽ ڪيترائي رانديگر به پيا آهن، آرام سان کيڏنداسين.“
تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب لانگ مارچ کي 4 آڪٽوبر تي لڪي مروت کان روانو ٿيڻو هو، 5 آڪٽوبر تي ڪرڪ ۽ ڪوهاٽ پهچڻو هو، جڏهن ته 6 آڪٽوبر جي شام پشاور پهچڻو هو.
سهيل آفريدي چيو ته لانگ مارچ جي بنيادي مطالبن ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان لاءِ علاج جي سهولت، گهرڀاتين ۽ وڪيلن سان ملاقات جو حق ۽ سندس انصاف موجب آزادي شامل آهن.
وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته سندس جماعت سمورا آئيني، قانوني ۽ جمهوري رستا اختيار ڪيا، پر گهربل نتيجا حاصل نه ٿيا، جنهن کانپوءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويو.
هن زور ڏنو ته لانگ مارچ جو مقصد پرامن انداز ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي ۽ ڪارڪن ڪنهن به اشتعال انگيزي جو حصو نه بڻجن.

You might also like