تحريڪ انصاف جي ناڪاميءَ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

اميد هئي ته بيرسٽر گوهر پنهنجي سياسي سمجهه، معاملن کي سلجهائڻ واري هنر ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جي تجربي مان ڪو اهڙو رستو ضرور ڪڍندو، جنهن سان ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ جو بخار ڪجهه لهي سگهي. پر صبح ٿيو ته اميد بدران مايوسيءَ جو منظر سامهون آيو. سندس چهري تي نمايان مايوسيءَ مان ئي اندازو ٿي رهيو هو ته ڳالهين جي ميز تي هن ڀيري به سياست کان وڌيڪ ضد غالب اچي وئي آهي.

هاڻي ڳالهه لڪائڻ جي ضرورت ناهي. ڳالهين جي سڄي عمل ۾ پارٽي قيادت جي ڪردار کي ڏسندي هڪ بنيادي سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته آخر فيصلا ڪٿي ٿين ٿا؟ جيڪڏهن پارٽي چيئرمين وٽ مڪمل سياسي اختيار موجود هجي ها ته شايد ڳالهين جي ميز تي سندس آواز به ايترو ئي نمايان نظر اچي ها، جيترو پارٽي جي دعوائن ۾ نظر اچي ٿو. پر موجوده صورتحال مان اهو تاثر ضرور پيدا ٿئي ٿو ته پيغام ڪنهن ٻئي هنڌان اچن ٿا، هدايتون ڪنهن ٻئي هنڌان ملن ٿيون ۽ سياسي نمائندا اهي هدايتون کڻي ڳالهين جي ميز تائين پهچن ٿا. پوءِ اصل سوال اهو ناهي ته ڳالهيون ڇو ناڪام ٿيون؛ اصل سوال اهو آهي ته جڏهن ڳالهين جو اختيار ئي مڪمل طور پنهنجي هٿ ۾ نه هجي ته ڪاميابيءَ جي اميد آخر ڪهڙي بنياد تي رکيل هئي؟ تحريڪ انصاف هن وقت جنهن سياسي ڀت سان اچي ٽڪرائي آهي، اها ڪنهن هڪ مخالف جماعت تعمير نه ڪئي آهي. ان ڀت جا ڪيترائي پٿر پاڻ جماعت رکيا آهن، ان ۾ سيمينٽ به پاڻ وڌو آهي ۽ هاڻي ان جي سامهون بيهي اهو سوال ڪري رهي آهي ته رستو بند ڇو آهي؟

گذريل ڪجهه سالن دوران تحريڪ انصاف جي سياست ۾ هڪ اهڙو سياسي ڪلچر نمايان ٿيو آهي، جنهن ۾ مخالف سياسي جماعتون رڳو سياسي مخالف نه، پر دشمن سمجهجڻ لڳيون. اختلاف راءِ کي غداريءَ جي رنگ ۾ ڏٺو ويو، سمجهوتي کي بزدلي سان ڳنڍيو ويو ۽ سياسي لچڪ کي اصولن تان پوئتي هٽڻ جي برابر سمجهيو ويو. اهڙي ماحول ۾ ڳالهين جي ميز تي اچڻ پاڻ هڪ تضاد بڻجي وڃي ٿو. ڪڏهن اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته هڪ مخصوص اڳواڻ کان سواءِ ملڪ جي سياست ڄڻ اڳتي وڌي ئي نٿي سگهي. ڪڏهن مخالفن کي اقتدار ڏيڻ کان ملڪ جي تباهيءَ کي بهتر سمجهڻ جهڙا خيال سامهون آيا. ڪڏهن ملڪ ڇڏڻ جون ڳالهيون ٿيون، ڪڏهن ملڪ جي ٽٽڻ جا خدشا سياسي بحث جو حصو بڻيا ۽ ڪڏهن تاريخ جي انتهائي حساس قومي سانحن کي موجوده سياسي اختلافن سان ڀيٽيو ويو. اهڙي بيانئي سياست عوام ۾ جذبات ضرور پيدا ڪري سگهي ٿي، پر اها ڊگهي مدي واري سياسي مفاهمت لاءِ ڪيتري جاءِ ڇڏي ٿي، اهو اهم سوال آهي.

تحريڪ انصاف جو هڪ وڏو سياسي چئلينج اهو به آهي ته ان جي شديد جذباتي سياسي بيانئي سبب قيادت ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ لچڪ لاءِ گنجائش محدود ٿيندي وئي آهي. جيڪو اڳواڻ ٿورو نرم لهجو اختيار ڪري ٿو، ان تي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو؛ جيڪو ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو شڪي نظر اچي ٿو ۽ جيڪو سمجهوتي جو رستو ڳولي ٿو، ان تي اصولن کان پوئتي هٽڻ جو الزام لڳي سگهي ٿو. پوءِ ساڳي قيادت شڪايت ڪري ٿي ته ڪارڪنن کي سمجهائڻ ڏکيو آهي. پر جنهن باهه کي سالن تائين سياسي ٻارڻ فراهم ڪيو وڃي، اها هڪ مرحلي تي پنهنجن ئي گهرن تائين پهچي سگهي ٿي. اصل سوال اهو بڻجي وڃي ٿو ته سياسي جماعت پنهنجي ڪارڪنن کي سياسي شعور ڏئي رهي آهي يا رڳو سياسي جذبات کي وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي؟

سياست ۾ اختلاف لازمي آهي. جمهوريت جو حسن ئي اهو آهي ته سماج ۾ هر ماڻهو هڪ ئي راءِ نٿو رکي. پر جڏهن ڪنهن جماعت اندر هڪ راءِ کي مڪمل سچ ۽ باقي سڀني راءِ کي غداريءَ جي زمري ۾ رکيو وڃي، ته جمهوريت جي اندر اختلاف ۽ بحث جي گنجائش محدود ٿي وڃي ٿي. سياسي جماعت جي طاقت رڳو پنهنجي ڪارڪنن جي جذباتي وابستگيءَ ۾ نه، پر ان ڳالهه ۾ به هوندي آهي ته اها مختلف راين کي ڪيتري جاءِ ڏئي ٿي ۽ اختلاف کي ڪيتري برداشت سان ٻڌي ٿي. ڳالهين جو بنيادي مطلب ئي اهو آهي ته ٻنهي ڌرين کي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو. جيڪڏهن هر ڏيڻ کي شڪست ۽ هر وٺڻ کي فتح سمجهيو وڃي ته پوءِ ڳالهين جي ضرورت ئي ڪهڙي رهجي وڃي ٿي؟ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جو مطلب پنهنجي سمورن مطالبن کان دستبردار ٿيڻ نه آهي، پر پنهنجي مقصدن تائين پهچڻ لاءِ قابلِ عمل رستو ڳولڻ آهي. سياست ۾ ڪڏهن هڪ قدم پوئتي هٽڻ به وڏي حڪمت عمليءَ جو حصو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر جنگ نعرا هڻي نه، پر وقت، تدبر ۽ لچڪ سان کٽي ويندي آهي. شايد ان ڪري تحريڪ انصاف جي ڳالهين جي ميز به هڪ عجيب جاءِ بڻجي وئي آهي، اتي ويهڻ جي اجازت آهي، پر لچڪ ڏيکارڻ مشڪل آهي؛ ڳالهائڻ جي اجازت آهي، پر سمجهوتي جي گنجائش محدود آهي؛ حل ڳولڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، پر سياسي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ ڏکيو نظر اچي ٿو.

تحريڪ انصاف جي موجوده سياسي صورتحال کي رڳو مخالفن جي سازشن، دٻاءَ يا ڳالهين جي ناڪاميءَ سان سمجهڻ شايد ڪافي نه هوندو. ڪنهن به سياسي جماعت جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو جائزو وٺندي ان جي اندروني فيصلا سازي، سياسي حڪمت عملي، قيادت ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ لاڳاپن، بيانئي جي شدت ۽ وقت جي تقاضائن سان مطابقت کي به ڏسڻو پوندو. اصل سوال اهو آهي ته ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي طاقت کي صرف احتجاج، مزاحمت ۽ جذباتي نعريبازيءَ ۾ استعمال ڪندي رهندي يا ان کي هڪ اهڙي سنجيده سياسي حڪمت عمليءَ ۾ تبديل ڪندي، جيڪا مخالفن سان اختلاف رکندي به ڳالهين، مفاهمت ۽ پارلياماني سياست لاءِ گنجائش پيدا ڪري سگهي؟ جيڪڏهن اها تبديلي نه آئي ته پوءِ هر ناڪام ڳالهين کان پوءِ الزام ڪنهن ٻئي تي رکڻ آسان ته هوندو، پر پنهنجي سياسي ناڪاميءَ جي اصل ڪارڻ کي سمجهڻ وڌيڪ ڏکيو ٿيندو.

You might also like