قومن جي تعمير ۽ سماجي ترقي ۾ استاد جو ڪردار

عبدالحئي ڀٽو

اڄ 05 آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جو عالمي ڏهاڙو آهي ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن وڏي ادب ۽ احترام سان ملهايو ويندو ۽ شاگرد پنهنجن استادن کي هن ڏينهن تي خراج تحسين پيش ڪندي سلام ڪندا. استاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي. سندس سکيا سان انسان پنهنجي منزل ماڻي ٿو. استاد ئي معاشري جو سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ هوندو آهي. استاد وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون هونديون آهن. جنهن قوم جو استاد زندهه آهي، اها قوم ڪڏهن به مرندي ناهي.

استاد کي پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اها سوچ رکڻي آهي ته مان جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان ان سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيو آهيان، اهو ئي ته استاد آهي جو انسان کي سيکاري ٿو ته هو ٻئي انسان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي سگهي ٿو جڏهن استاد ۾ ادب ۽ اخلاق هوندو. علم هڪ وڏي نعمت آهي. تنهن ڪري جنهن ذريعي سان اها نعمت حاصل ٿئي، انهيءَ ذريعي جي تعظيم ۽ تڪريم ۽ سندس شڪرگذاري، قدرداني ڪرڻ به لازم آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ان نعمت جي ڏيندڙ جو قدر نٿو ڪري ته چئبو ته هو ان نعمت جي ناقدري ڪري ٿو. استاد علم جهڙي نعمت جو عطا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري سندس احسان شناسائي ۽ احسانمندي لازمي آهي. ۽ نامور شخصيتن جا مثال نالا ڏسنداسين ته انهن تاريخي ورق ۾ اڄ تائين وارو استاد ئي هوندو. ان جي ڪري جيڪڏهن اسان سماج ۾ فقط استاد جو مقام بلند رکڻ گهرون ٿا ته پهرين ان جي پسمنظر ۾ وڃي سندس پيٽ جي پوراءَ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺون ۽ سندس ذميدارين جو احساس اڀاري کانئس تعميري سوچ سان گڏ  چڱي ڪم جي اميد رکون. ڇو ته استاد جو شان ۽ مان مٿانهون آھي.

هاڻ سنڌ جي استاد کي ٻين قومن جي استادن وانگر سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ ديس جي معصوم ٻالڪن کي سچائي ۽ ايمانداري سان تعليم ڏيڻي پوندي. استاد هڪ ٻيڙي جو ملاح آهي، جنهن کي ٻيڙي اهڙي طرح هلائڻ گهرجي، جيئن ٻيڙي ڪناري تي آساني سان پهچي سگهي. جيئن استاد پنهنجي اولاد جو خيال رکي ٿو، تعليم جي پرگهور لهي ٿو. تئين ئي استاد کي ٻين ٻارن تي رحم ڪري انهن کي تعليم ڏيڻ گهرجي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا استاد موجود آهن جن کي هميشه پنهنجي قوم جي ٻارن جي تعليم جو فڪر رهي ٿو ۽ اهڙن استادن کي قوم عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

اڄ استادن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جي سمورن استادن کي پنهنجي قوم سان اهو واعدو ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي عظيم استادن وانگر سنڌي قوم جي ٻارن کي سٺي نموني سان تعليم ڏينداسين ۽ پنهنجي استادي پيشي جو مان مٿانهون رکنداسين. جيئن اسان جا شاگرد اسان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ کان علاوه استادن جو عالمي ڏينهن تي ٻين قومن جي استادن وانگر اسان کي محبت وارو سلام پيش ڪن.

You might also like