امر پيرزادي جو جنم ڏينهن تخليق سدايئن جوان رهندي

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪي تاريخون رڳو ڪئلينڊرن يا ڊائرين تي ئي لکيل ناهن هونديون، پر اهي ڪنهن شخص جي زندگيءَ سان ڳنڍجي هڪ سهڻي ياد، هڪ خوشگوار احساس ۽ هڪ دعا جي صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن. ڇهين آڪٽوبر به هڪ اهڙي ئي تاريخ آهي، ڇو جو اها امر پيرزادي جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي. هي اهو ڏينهن آهي، جنهن تي سندس گهرڀاتي، مٽ مائٽ، دوست ساٿي، پڙهندڙ، ڏسندڙ ۽ ادب ۽ شعر سان واڳيل کيس محبت، خلوص ۽ دعائن جون سوکڙيون ڏيندا آهن. ڇهين آڪٽوبر امر پيرزادي جهڙي هڪ نرالي تخليقڪار جو جنم ڏينهن ته آهي ئي آهي، پر اها اهڙي تخليقي سفر جي يادگيري پڻ آهي، جنهن شاعري، نثر، ڪمپيئرنگ ۽ فڪري اظهار جي ذريعي هلندڙ دور سان ڊائلاگ ڪري ان تي پنهنجي مضبوط ڇاپ ۽ اثر ڇڏيو آهي.

گهڻو ڪري ته سالگرهه زندگيءَ جو اهو اڪيلو ڏينهن آهي، جڏهن انسان وقت کي پوئتي مڙي به ڏسندو آهي ۽ اڳتي پڻ. هڪ پاسي وسري ويل ورهين جا سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته ٻئي پاسي وري ايندڙ ڏينهن جو کڙڪو ڪَنين پوندو آهي. ڪئلينڊر جو هڪ معمولي خانو اوچتو زندگيءَ جي هڪ پوري باب ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ماڻهو سوچيندو آهي ته هڪ ٻيو سال به گذري ويو. پر هڪ سرجڻهار لاءِ سوال رڳو اهو ناهي هوندو ته هڪ ورهيه وهامي ويو، پر اصل سوال اهو هوندو آهي ته هن گذريل سال ڪيترا لفظ پيدا ڪيا ۽ ڪيتري روشني پڙهندڙن جي ذهن ۽ دلين تايئن پهچائي. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته امر پيرزادي پنهنجي حصي جي روشني پنهنجن لفظن وسيلي  پئدا ڪئي آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي رڳو اظهار جو وسيلو نه، پر احساس، جماليات، سماجي شعور ۽ انساني تجربي جي ترجماني بنايو آهي. هن پنهنجي نثر ۾ پڻ پنهنجي هڪ نرالي اسلوب جي سڃاڻپ قائم ڪئي آهي ۽ گڏو گڏ  هن ٽيليويزن جي دنيا ۾ ميزبانيءَ کي رڳو گفتگوءَ جو فن نه، پر مطالعي، تياريءَ، مشاهدي ۽ تهذيبي شعور سان سلهوڙيو آهي.

   امر پيرزادي کي سالگرهه جون واڌايون چوڻ ته سؤلو آهي، پر سندس تخليقي سفر کي سمجهڻ  هڪ ڌار ۽ گھڻو سنجيده عمل آهي، ڇو جو ڪي ماڻهو عمر سان گڏ وڏا ٿيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو وري لفظن سان گڏ وڏا ٿيندا آهن. امر پيرزادي جو تعلق ٻئي قسم جي ماڻهن سان آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس شخصيت کي ڏسندي مون کي ايئن لڳندو آهي ته شاعري، نثر ۽ ميزباني سندس لاءِ ڪا ڌار سرگرمي ناهي، پر زندگيءَ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ انداز آهي.

   ادب جي دنيا ۾ ڪجهه نالا اهڙا به هوندا آهن، جن کي رڳو شاعر، اديب يا ڪالم نگار چئي ڇڏڻ سندن شخصيت سان انصاف نه هوندو. وٽن تخليق ڌار ڌار خانن ۾ ورهايل ناهي هوندي، پر شاعري، نثر، فڪر، مشاهدو ۽ سماجي شعور هڪٻئي سان سلهاڙجي هڪ گڏيل ادبي شخصيت جوڙي وٺندا آهن. امر پيرزادو به اهڙي ئي نوعيت جو هڪ زبردست تخليقڪار آهي. سندس ادبي حوالو ان ڪري به اهم آهي جو سندس لاڳاپو هڪ اهڙي ڪٽنب سان آهي، جنهن سنڌ جي علمي، ادبي ۽ فڪري منظرنامي ۾ پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. سندس والد انور پيرزادو سنڌ جو اهو ٻهڳڻو انسان هو، جنهن صحافت، شاعري، ادب، ڪالم نگاري ۽ فڪري مڪالمي وسيلي پنهنجي دور تي هڪ گهرو اثر ڇڏيو پر ڪنهن وڏي ادبي شخصيت جو پٽ هجڻ خود ڪنهن تخليقڪار جي لاءِ ادبي سڃاڻپ جي ضمانت ناهي هوندو، اصل امتحان اهو هوندو آهي ته هو پنهنجو آواز ڪيئن ٿو پيدا ڪري؟ امر پيرزادي پنهنجو آواز ڳولي لڌو آهي ۽ اهائي سندس تخليقي سچائيءَ جي سڀ کان اهم ڳالهه آهي.

 سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو لهجو محسوس ٿيندو آهي جيڪو کيس هڪ جديد شاعر طور ڀرپور مڃتا ڏياري ٿو. وٽس جذبا آهن، پر جذبن جي رڳو ترجماني ڪونهي، رومان آهي، پر رومان جي سطحي ڪيفيت ناهي، جماليات آهي، پر جماليات سان گڏ زندگيءَ جو شعور به موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ داخلي احساس ۽ خارجي دنيا جي وچ ۾ هڪ لاڳيتو مڪالمو ڏسڻ ۾ اچي ٿو شايد اهوئي ڪارڻ آهي جو نوجوان نسل پاڻ کي سندس شاعريءَ جي گھڻو ويجهو محسوس ڪري ٿو.

   هر دؤر جو شاعر پنهنجي وقت سان ڳالهايئندو آهي، پر هر شاعر پنهنجي وقت جي زبان بنجي ناهي سگهندو. امر پيرزادي جي شاعريءَ ۾ هلندڙ دور جي زندگيءَ جي اها ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي، جنهن ۾ محبت، اڪيلائي، خواب، بي يقيني، لاڳاپا، سماج ۽ فرد جا داخلي سوال هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. سندس شاعراڻي تخيل جي هڪ ۽ مکيه خوبي اها به آهي ته هو عام احساسن کي به هڪ نئين انداز سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. حقيقت ۾ ته اهائي تخليق جي بنيادي سگهه هوندي آهي. هڪ عام منظر کي هڪ غير معمولي احساس ۾ تبديل ڪرڻ، هڪ معمولي تجربي ۾ معنيٰ جي هڪ نئين سطح تلاش ڪرڻ ۽ هڪ ڄاتل جذبي کي هڪ نئين استعاري ۾ پروئڻ هڪ شاعر جي تخليقي هنر جو ڪمال هوندو آهي.   امر پيرزادي وٽ به اهو تخليقي رويو بيحد پڌرو ۽ موهيندڙ آهي. سندس شاعريءَ کي رڳو محبت يا روماني احساس جي تناظر ۾ ڏسڻ سندس شاعراڻي وجود کي محدود ڪرڻ برابر هوندو. وٽس جماليات سان گڏ هڪ فڪري جاڳرتا پڻ آهي. هو پنهنجي دور جي انسان کي ڏسي ٿو، سندس مسئلن کي محسوس ڪري ٿو ۽ ان جي داخلي دنيا کي پنهنجي شاعريءَ جو حصو بنائي ٿو. اهوئي اُهو هنڌ آهي جتي هو شاعر، رڳو هڪ شاعر ناهي رهندو، پر پنهنجي زماني جو هڪ حساس مشاهدي ڪار بنجي ويندو آهي.

امر پيرزادي جي نثر جي ڳالهه ڪرڻ به بيحد ضروري آهي، نثر ۾ سندس سڃاڻپ سندس لکيل ڪالمن وسيلي وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي. ”سوچ به هڪ کڙڪو آهي“ جي عنوان هيٺ پاڻ ڪجهه وقت کان سنڌي صحافت جي کيتر ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو پئي آيو آهي، انهن ڪالمن جو مجموعو به ان ئي عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي جنهن کي سنڌ جي سنجيده صحافتي ۽ ادبي حلقن پاران تمام گھڻو ساراهيو ويو آهي. ڪالم نگاري به هڪ عجيب هنر آهي. ڪالم ۾ لکندڙ وٽ نه افساني جو تخيل هوندو آهي ۽ نه شاعريءَ جي علامتن جي مڪمل آزادي. کيس پنهنجي آسپاس جي واقعن، مسئلن، روين، تبديلين ۽ سماجي اٿل پٿل مان پنهنجا موضوع ڳولڻا پوندا آهن. کيس پڙهندڙ سان سڌو سنئون ڳالهائڻو پوندو آهي. هڪ سٺو ڪالم نگار پنهنجي د‍ؤر جو رڳو هڪ مبصر ئي ناهي هوندو، پر اهو پنهنجي دؤر جو هڪ حساس گواهه پڻ هوندو آهي. امر پيرزادي جي ڪالمن ۾ به اهڙي ئي حساسيت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سندس سوچ ۾ هڪ سماجي سجاڳي هوندي آهي ۽ سماج کي ڏسڻ جو هڪ ڌار رنگ هوندو آهي. پاڻ شين کي رڳو انهن جي ظاهري شڪل ۾ قبول ناهي ڪندو، پر انهن جي پٺيان موجود سوالن کي به ڳوليندو آهي. سندس ڪالمن ۾ سماجي تبديليءَ جو احساس به ملي ٿو ته پنهنجي معاشري جي باري ۾ هڪ ذميواراڻو فڪر پڻ.

   سندس لکيل ڪالمن جي سونهن اها آهي ته اهي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، اها ئي ڪالم نگاريءَ جي وڏي ڪاميابي هوندي آهي. هڪ سٺو ڪالم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ختم ناهي ٿيندو. اهو هڪ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڦرندو وتندو آهي. ان جو ڪو جملو، ڪو سوال، ڪو خيال يا وري ڪو مشاهدو دير تايئن ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي موجود هوندو آهي. امر پيرزادي جي ڪالمن ۾ اهائي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي.

 امر پيرزادي جي شخصيت جو هڪ سهڻو ۽ نرالو حوالو ڪمپيئرنگ به آهي. ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ظاهري طور ته سولو ڪم لڳندو آهي. ڪئميرائون سامهون هونديون آهن، مهمان آڏو ويٺل هوندا آهن، ڪجهه سوال ٿيندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ پروگرام ريڪارڊ ٿي ويندو آهي پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي. هڪ سٺي ڪمپيئر لاءِ ٻوليءَ تي عبور هجڻ سان گڏوگڏ مطالعو، بروقت ردعمل، موضوع جي گهري سمجهه، شخصيت شناسي، سوالن جي جوڙجڪ، وقت جي پابندي ۽ سڀ کان وڌيڪ تياري ضروري هوندي آهي. ان حوالي سان امر پيرزادو هڪ سڄاڻ ۽ ٻيحد ذهين ڪمپيئر جي طور تي اسان جي آڏو اچي ٿو. هن ڪجهه نجي ٽي وي چئنلز تي به ميزباني ڪئي آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي پروگرامن ”رهاڻ“ ۽ ”بوند بهار“ جهڙن پروگرامن ۾ پنهنجي ميزبانيءَ وسيلي پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. انهن پروگرامن ۾ سندس ميزباني رڳو لفظن کي ادا ڪرڻ تايئن محدود ڪونهي، پر سندس انداز ۾ هڪ فڪري تياري، موضوع سان سونهپ ۽ مهمان جي ادب ۽ احترام جو احساس بيحد پڌرو هوندو آهي.

   هتي سندس پاران ورتل ٽي وي انٽرويوز جي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي. امر پيرزادو جڏهن ڪنهن شخصيت جو انٽرويو ڪندو آهي ته ايئن محسوس ناهي ٿيندو ته هو هڪ سوالنامو کڻي اسٽوڊيو ۾ اچي ويو آهي. هو مڪمل هوم ورڪ ڪري پوءِ ايندو آهي. ان هوم ورڪ ۾ مهمان جي شخصيت، سندس ڪم، سندس سفر، سندس ڪاميابين، سندس مسئلن ۽ سندس فڪري پس منظر کان واقفيت جهڙا پاسا شامل هوندا آهن. اها تياري سندس پاران پڇيل سوالن ۾ نظر ايندي آهي. هڪ سٺو انٽرويو اهو ناهي، جنهن ۾ انٽرويو وٺندڙ گھڻو ڳالهائي، پر سٺو انٽرويو اهو هوندو آهي، جنهن ۾ انٽرويو ڏيندڙ شخصيت پنهنجي باري ۾ ڪجهه اهڙو ٻڌائي وڃي، جيڪو شايد پهرين ڪڏهن نه ٻڌايو ويو هجي. امر پيرزادي جي سوالن ۾ اهڙي دريافت جو امڪان موجود هوندو آهي. هو سوال پڇڻ وقت مهمان کي منجهايئندو بنهه ناهي، پر کيس کوليندو ويندو آهي.

ٽيليويزن جي دنيا ۾ ڪيئي ماڻهو خوبصورت ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندا آهن، پر هر شخص تحقيق سان گفتگو ناهي ڪري سگهندو. ڪيئي ماڻهو ڪئميرائن جي آڏو پراعتماد ٿي سگهندا آهن، پر هر ماڻهو ڪئميرائن جي پٺيان موجود تياريءَ کي پنهنجي گفتگوءَ ۾ منتقل ناهي ڪري سگهندو. امر پيرزادي جي ڪمپيئرنگ جي هڪ سگهه اهائي تياري هوندي آهي. پاڻ وقت جو قدر ڪندو آهي، موضوع جو قدر ڪندو آهي، مهمان جو قدر ڪندو آهي ۽ گڏوگڏ ڏسندڙن جو قدر ڪندو آهي. هڪ ٽي وي ميزبان لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ٻي ڪهڙي وصف ٿي سگهي ٿي؟

   پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز جي تاريخ ۾ ڪمپيئرنگ جو هڪ ڊگهو ۽ شاندار سفر رهيو آهي. مختلف دورن ۾ ڪيئي باصلاحيت، ذهين ۽ خوبصورت ميزبان هن اداري سان واڳيل رهيا، جن پنهنجي آواز، پنهنجي شخصيت، پنهنجي انداز وسيلي ڏسندڙن جي دلين ۾ جايون ٺاهيون. امر پيرزادو ان روايت ۾ هڪ خوشگوار واڌارو آهي.

   اڄ کان ٻن ڏينهن پوءِ يعني ڇهين آڪٽوبر تي اسان جڏهن امر پيرزادي کي سالگرهه جون مبارڪون پيش ڪنداسين، ته اهي مبارڪون دراصل سندس تخليقي سفر جي مڃتا جون مبارڪون به هونديون.   پيارا امر! اوهان کي ڇهين آڪٽوبر جي جنم ڏينهن جون تمام گھڻيون وڌايون هجن. دعا آهي ته اوهان جي لفظن جي روشني سدايئن قائم دائم رهي. توهان جي شاعريءَ ۾ جيڪو جمال آهي، سو اڃا به وڌيڪ کلندو رهي. توهان جي نثر ۾ جيڪي سوال آهن، سي معاشري کي سوچڻ تي مجبور ڪندا رهن  ۽ توهان جي ميزبانيءَ ۾ جيڪو شان مان آهي، سو ٽي وي جي ڏسندڙن کي موهيندو رهي.

You might also like