1980ع تائين پاڪستان پنهنجي خطي جي ڪيترن ئي ملڪن کان اڳتي هو. ان وقت پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) 24 ارب ڊالر، سريلنڪا جي 4 ارب، بنگلاديش جي 18 ارب ۽ ڀارت جي 189 ارب ڊالر هئي. پر رڳو چئن ڏهاڪن دوران اها صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي. 2025ع ۾ بنگلاديش جي جي ڊي پي وڌي 450 ارب ڊالر ۽ ڀارت جي 4000 ارب ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان جي جي ڊي پي مشڪل سان 372 ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچي سگهي. 1980ع ۾ پاڪستان ۾ في ماڻهو آمدني 300 ڊالر، ڀارت ۾ 270 ڊالر، بنگلاديش ۾ 140 ڊالر ۽ سريلنڪا ۾ 270 ڊالر هئي. 2025ع ۾ ڀارت ۾ في ماڻهو آمدني وڌي 2695 ڊالر، بنگلاديش ۾ 2593 ڊالر ۽ سريلنڪا ۾ 4516 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته سڀ کان گهٽ واڌ پاڪستان ۾ ٿي، جتي في ماڻهو آمدني رڳو 1479 ڊالر تائين پهچي سگهي. رڳو آباديءَ ۾ واڌ جي حوالي سان اسان جي ”ڪارڪردگي“ انتهائي شاندار رهي آهي. چاليهه سال اڳ اسان جي آبادي 8 ڪروڙ 40 لک هئي، جيڪا هاڻي وڌي 25 ڪروڙ 50 لک کان به وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ان عرصي دوران ڀارت جي آبادي 69 ڪروڙ مان وڌي 144 ڪروڙ، بنگلاديش جي 9 ڪروڙ مان وڌي 17 ڪروڙ 50 لک ۽ سريلنڪا جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ مان وڌي رڳو 2 ڪروڙ 20 لک ٿي آهي.
2008ع ۾ معيشت جي واڌ جي شرح 5.5 سيڪڙو هئي، جيڪا گذريل 8 سالن دوران 2.5 سيڪڙو کان اڳتي وڌي نه سگهي آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران ٻه اهڙا مالي سال به آيا، جن ۾ معاشي واڌ جي شرح منفي رهي. آباديءَ ۾ تيز ترين واڌ ۽ معاشي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي سبب غربت ۾ ڀيانڪ اضافو ٿيو. ملڪ ۾ غربت جي شرح 2001ع ۾ 64.3 سيڪڙو هئي، جنهن ۾ ڊرامائي تبديلي آئي ۽ اها 2018ع تائين گهٽجي 21.9 سيڪڙو ٿي وئي هئي. هن اهم مرحلي تي خطرناڪ سياسي مهم جوئي ۽ تجربن جي نتيجي ۾ پائيدار معاشي ترقيءَ جو عمل رڪجي ويو ۽ حڪومت ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي وئي، جنهن کان بچڻ لاءِ معيشت کي آءِ ايم ايف جي ”آءِ سي يو وارڊ“ ۾ داخل ڪرائڻو پيو. معيشت تي خودڪش حملن جو باقاعده سلسلو 126 ڏينهن جي ڌرڻن سان شروع ٿيو. ان وقت ملڪ ۾ پيٽرول 70 رپيا في ليٽر، ڊالر 103 رپين جو ۽ ماني 3 رپين جي هئي. جيڪڏهن ان سياسي مهم جوئي کان پاسو ڪيو وڃي ها ته ملڪ نه ايتري سنگين معاشي بحران جو شڪار ٿئي ها ۽ نه ئي عوام ايتري ڀيانڪ مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي ها. اهو ڪو مفروضو نه، پر هڪ حقيقت آهي، جنهن کي پنهنجي ئي خطي جي ٻين ملڪن جي تقابلي مثالن ذريعي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.
ڪوويڊ-19 جي عالمي وبا، روس-يوڪرين جنگ، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ۽ توانائيءَ جي موجوده شديد بحران باوجود اڄ به ڀارت ۾ پيٽرول 102 رپيا في ليٽر، بنگلاديش ۾ 160 رپيا في ليٽر ۽ نيپال ۾ 200 رپيا في ليٽر آهي. ان کان علاوه ڀارت ۾ هڪ ڊالر 95 رپين، بنگلاديش ۾ 122 ٽڪن ۽ نيپال ۾ 151 نيپالي رپين جي برابر آهي. جيڪڏهن سياسي مهم جوئي نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ڊالر 277 رپين جو نه هجي ها، پيٽرول 390 رپين جي سطح تائين نه پهچي ها، ماني 20 رپين جي نه هجي ها ۽ نه ئي بجلي، گئس ۽ روزمرهه جي استعمال وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هجن ها. اسان جي صورتحال به گهٽ وڌ خطي جي ٻين ملڪن جهڙي ئي هجي ها.
معاشي زوال سبب غربت ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو آهي. هن وقت عالمي بينڪ جي مقرر ڪيل پيماني موجب ملڪ جي 45 سيڪڙو آبادي، يعني 11 ڪروڙ 25 لک ماڻهو، غربت جي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن. معاشي زوال سبب بيروزگاريءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي. قومي اقتصادي سروي موجب 2025-26ع دوران، يعني هڪ سال ۾، 7 لک پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه وڃي چڪا آهن. سرڪاري سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مالي سال دوران 59 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا، ملڪ جو هر ٽيون ٻار تعليم کان محروم آهي ۽ هر پاڪستاني 3 لک 30 هزار رپين جو قرضي آهي. هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جا 37 سيڪڙو نوجوان بيروزگار آهن. غربت ۽ بيروزگاريءَ انتهائي سنگين مسئلا پيدا ڪيا آهن. ملڪ ۾ جاري دهشتگردي، امن امان جي بگڙيل صورتحال، وڌندڙ مذهبي ۽ نسلي انتهاپسندي، علحدگي پسنديءَ جي وڌندڙ لاڙن ۽ رياست سان ٽڪراءَ جي مختلف مظاهرن مان اها صورتحال ظاهر ٿئي ٿي.
مٿي بيان ڪيل حالتن اندروني ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي به سخت متاثر ڪيو آهي. اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکندڙ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمپنيون پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪري رهيون آهن. سرمائي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ کان سواءِ معيشت جو ڪو به شعبو ترقي نٿو ڪري سگهي. سرمايو تمام ”شرميلو ۽ ڊڄڻو“ هوندو آهي. ان کي خوشامد ۽ لالچ ڏئي قابو نٿو ڪري سگهجي. سرمايو اتي ويندو، جتي ان کي ڪاروبار دوست ماحول ۽ تحفظ حاصل هوندو.
سوال اهو آهي ته جيڪي ملڪ اسان کان تمام گهڻو پوئتي هئا، اهي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان کان گهڻو اڳتي ڇو نڪري ويا؟ ان جو جواب اهو آهي ته انهن ملڪن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي نئين دنيا جي گهرجن مطابق پاڻ کي تيزيءَ سان تبديل ڪيو آهي. ان جي ابتڙ اسان ويهين صديءَ جي پراڻن سياسي ۽ معاشي نظرين کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهيون. معاشي بحران ۽ پسماندگيءَ مان نڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ پهريون قدم اهو هجڻ گهرجي ته سياسي نظرين کي بنا دير معاشي مفادن جي تابع ڪيو وڃي. اڄ جي گهڻ قطبي دنيا ۾ سڀ ملڪ هڪٻئي جا محتاج آهن. ايڪويهين صديءَ ۾ ”ازلي دوست ۽ ابدي دشمن“ جو تصور ختم ٿي چڪو آهي. اڄ ٽرمپ، شي جن پنگ، پيوٽن ۽ مودي دشمنن بدران دوستن وانگر ملن ٿا. ڇا اسان کي به انهن وانگر پاڻ کي تبديل نه ڪرڻ گهرجي؟
معاشي ترقيءَ جو حل نون صوبن جي قيام يا ڪنهن نئين سياسي تجربي ۾ نه ڳوليو وڃي، ڇو ته ان سان معاشي ۽ سياسي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو. ماضيءَ جي سوچ ۽ وهمن جي فريب ڀري دنيا مان ٻاهر نڪري اچو، پوءِ ڏسو ته پاڪستان ڪيئن تبديل ٿئي ٿو.