اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي وفد جي ويهڪ اسپيڪر چيمبر ۾ جاري آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي موقعن تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.
اپوزيشن وفد جي اسپيڪر چيمبر پهچڻ تي سردار اياز صادق آڌر ڀاءُ ڪيو، اپوزيشن طرفان علامه راجا ناصر عباس، بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، عامر ڊوگر ۽ سلمان اڪرم راجا موجود آهن، جڏهن ته حڪومتي وفد ۾ گهرو وزير محسن نقوي، شيري رحمان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ طلال چوڌري شامل آهن.
ان کانسواءِ اعجاز جکراڻي، نويد قمر، راڻا ثناءُ الله ۽ امير مقام پڻ حڪومتي وفد جو حصو آهن.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اڃا ته ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي، ٻنهي ڌرين جو اتفاق آهي ته اڄ ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين، باقي تفصيلن لاءِ في الحال صبر ڪريو.
سلمان اڪرم راجا موجب، اسان انصاف جي ڳالهه ڪنداسين، انصاف مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، اسان کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ۽ مشاورت گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن اها ملاقات ٿي ته معاملو اڳتي وڌندو، ٻي صورت ۾ صورتحال ائين ئي رهندي، اسان کي پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ انصاف گهرجي.
اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اسان باني سان ان ڪري ملاقات چاهيون ٿا ته ساڻس ملي ايجنڊا طئي ڪريون.
هن چيو ته اسان باني سان ملاقات ڪنداسين ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي وڌنداسين، عمران خان جي ڀينرن بابت به ڳالهه ٿيندي، پر باني سان ملاقات جو معاملو سڀ کان اهم آهي، سڀ کان پهريان اسان سمجهون ٿا ته اسان کي پنهنجي اڳواڻ سان ملاقات ڪرائي وڃي.
عامر ڊوگر چيو ته مان شروع کان ملاقات ۽ ڳالهين جو حامي رهيو آهيان، سياسي معاملن کي ڇڪتاڻي ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن اداري سان اسان جو ٽڪراءُ يا جهيڙو ٿئي.
علامه ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان محمود اچڪزئي جي ملاقات جو معاملو به ڳالهين ۾ رکيو ويندو، باني سان ملاقات کانسواءِ معاملا حل ٿي ئي نٿا سگهن. انهن ڳالهين بابت ڪجهه شرطون طئي ٿيڻ گهرجن، مسئلن جو آسان ترين حل پي ٽي آءِ باني سان ملاقات آهي.
ذريعن موجب، اپوزيشن سان ڳالهين دوران حڪومتي ٽيم جو موقف هو ته اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪنهن به صورت اجازت نه ڏني ويندي، توهان لانگ مارچ ڪريو، ڌمڪيون ڏيو ۽ اڊيالا جيل تي حملي جي ڳالهه ڪريو، اهو درست ناهي. نرمي جو مظاهرو رڳو حڪومت نه، پر اپوزيشن کي به ڪرڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين دوران ڪيترائي ڀيرا تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ٽيم وچ ۾ گرما گرمي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا ميمبر گهڻو ڪري خاموش رهيا.
اسپيڪر جي چيمبر ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين دوران ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو، عدالتي معاملن تي راڻا ثناءُ الله ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
علامه راجا ناصر عباس عدالتي فيصلن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين سان ملاقاتن تي پابندي ۽ حڪومتي قدمن تي تنقيد ڪئي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته عدالتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته لانگ مارچ بابت عدالتي فيصلن تي عمل ڪرايو ويندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڌرين تي زور ڏنو ته ڌريون غور ۽ فڪر سان اڳتي وڌن ۽ ٻنهي ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين دوران سخت جملن جي ڏي وٺ، اياز صادق جي ڌرين کي صبر جي اپيل
You might also like