ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت اهم سياسي اڳواڻن ۽ صوبائي وزيرن بلاول هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران سنڌ جي موجوده سياسي ۽ انتظامي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
اڳوڻي وفاقي وزير غوث بخش خان مهر به بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سنڌ جي صنعت ۽ واپار واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.
بلوچستان جي وڏي وزير جي محنت ۽ افرادي قوت بابت صلاحڪار بابا غلام رسول عمراڻي به بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.
بلاول ڀٽو سان وڏي وزير سميت اهم اڳواڻن جون ملاقاتون،سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي معاملن تي صلاح مشورا
You might also like