آزاد ويزا تي پرڏيهه وڃڻ وارا پاڪستاني خبردار، گرفتاري، ملڪ بدري ۽ مالي نقصان جو خطرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان آزاد ويزا تي پرڏيهه وڃڻ جا خواهشمند آهيو ته سفر کان اڳ ان سان لاڳاپيل خطرن کان ضرور آگاهه ٿي وڃو.
مائيگرنٽ ريسورس سينٽر موجب، آزاد ويزا جي نالي تي سفر ڪرڻ سان قانوني ڏکيائين، ملڪ بدري، گرفتاري، مالي نقصان، استحصال ۽ غيرقانوني طور ڪم ڪرڻ جهڙن سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ اهڙا ماڻهو پاڪستان جي قانوني اميگرنٽ پروٽيڪشن نظام ۽ ٻين حقن ۽ تحفظن کان پڻ محروم ٿي سگهن ٿا.
آزاد ويزا تي پگهار ۽ ٻين حقن جي قانوني تحفظ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ سان گڏ دوکي ۽ مالي نقصان جو امڪان پڻ وڌي وڃي ٿو.
آجر يا ايجنٽ طرفان استحصال جو خطرو موجود هوندو آهي، جڏهن ته غيرقانوني طور ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ، قانوني ڪارروائي ۽ ملڪ بدري پڻ ٿي سگهي ٿي.
مائيگرنٽ ريسورس سينٽر شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سفر کان اڳ ويزا، ملازمت، معاهدي ۽ سمورن قانوني گهرجن جي مڪمل تصديق ڪئي وڃي.

You might also like