اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا بابت مختلف آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور جاري آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ ملاقات دوران به ان معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
ذريعن موجب، خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت مختلف قانوني ۽ آئيني رخن جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته معاملي تي قطعي فيصلو وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات ۾ خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪي پي جو ڇا ڪيون؟ صدر زرداري ۽ محسن نقوي جو مختلف آپشن تي غور، حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو
You might also like