ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ پليٽ فارم تي اميدوارن لاءِ اي آءِ سي وي ڪريڪٽر سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نئين ٽيڪنالاجي جي مدد سان اميدوار وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي سي وي تيار ڪري سگهندا.
هن چيو ته سنڌ حڪومت روزگار، مهارتن، تربيت ۽ ڪيريئر گائيڊنس تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ موجب ، ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ پليٽ فارم تي هن وقت 718 ڪمپنيون ۽ 21 هزار 233 فعال ملازمتون موجود آهن، جڏهن ته پليٽ فارم ذريعي 4 لک 71 هزار کان وڌيڪ ملازمتن لاءِ درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن.
سينيئر صوبائي وزير ٻڌايو ته ”لرن اينڊ ارن“ پروگرام تحت 1800 کان وڌيڪ شارٽ ڪورسز تائين رسائي موجود آهي، 4470 کان وڌيڪ اميدوار ڪورسز مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 5225 اميدوار هن وقت ڪورسز ڪري رهيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ کي جديد ڊجيٽل ايمپلائمنٽ پليٽ فارم بڻائڻ هدف آهي.
هن وڌيڪ چيوته پليٽ فارم تي اي آءِ ڪيريئر اينڊ جاب اسسٽنس ايجنٽ پڻ تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو ملازمتن جي ڳولا ۽ ڪيريئر گائيڊنس ۾ اميدوارن جي مدد ڪندو.
21 هزار کان مٿي نوڪريون، ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ تي اميدوارن لاءِ اي آءِ سي وي ڪريڪٽر سسٽم متعارف
You might also like