اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليو جي خاتمي لاءِ اسلام آباد ۾ قائم علائقائي ريفرنس ليبارٽري پاڪستان ۾ 2026ع جي پنجين پوليو ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جيڪو ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ رپورٽ ٿيو آهي.
هلندڙ سال سامهون آيل پوليو جي پنجن ڪيسن مان 4 بنون ڊويزن مان رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 3 ڪيس رڳو ضلعي بنون ۾ سامهون آيا آهن.
تازو ڪيس بنون ضلعي جي ڊوميل تعلقي جي خندر خان خيل يونين ڪائونسل سان تعلق رکندڙ 17 مهينن جي ٻارڙي ۾ سامهون آيو آهي.
پاڪستان جي پوليو ٽوڙ پروگرام جي ويب سائيٽ موجب، 2025ع دوران ملڪ ۾ پوليو جا 31 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جڏهن ته هلندڙ سال هينئر تائين 5 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.
ويب سائيٽ موجب، پوليو هڪ انتهائي متعدي ۽ لاعلاج بيماري آهي، جيڪا سڄي زندگي معذوري ۽ ڪجهه حالتن ۾ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. تنهن هوندي به پوليو ويڪسين ذريعي هن بيماري کان بچاءُ ممڪن آهي.
You might also like