اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر وڪيل احسن ڀون جي 5 ارب رپين جي هرجاڻي واري نوٽيس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وڪيل پنهنجي ڊگري ڏيکارين ته هو کانئن معافي وٺندو.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته جعلي ڊگرين بابت بحث ملڪ ۾ ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ سياستدانن جي جعلي ڊگرين جو معاملو پڻ سامهون آيو هو.
هن چيو ته اعظم نذير تارڙ جيڪي ڳالهيون ڪيون، انهن سان سندس ڪيس ڪمزور ٿيو، اعظم نذير تارڙ سياست ۾ کانئس جونيئر آهي، جڏهن ته جعلي ڊگرين خلاف اعظم نذير تارڙ کي وڙهڻ گهرجي.
ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته مسلم ليگ (ن) اسان جي جماعت آهي، پر هو سياست کان هٽي ڪري اهو ڪم ڪري رهيو آهي.
”وڪيلَ ڊگري ڏيکارين، معافي وٺندس“احسن ڀون جي 5 ارب هرجاڻي واري نوٽيس تي ڪيپٽن صفدر جو ردعمل
You might also like