پي ٽي آءِ جا مطالبا جائز، گورنر راڄ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا جائز آهن، ڪي پي ۾ گورنر راڄ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا جائز آهن، ڪي پي ۾ گورنر راڄ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو، وزيراعظم جي خاطري تي لانگ مارچ ۾ وقفو ڏنو ويو، احتجاج تان هٿ نه کنيو آهي، وزيراعظم ايندو ته ان سان واضح ڳالهه ٿيندي، پيٽروليم شين تي رليف ڏيڻو آهي ته ڏيو، ٻي صورت ۾ لانگ مارچ جاري رکنداسين، حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت سان ڳالهين باوجود جماعت اسلامي پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽي آهي، وزيراعظم جي رابطي ۽ اڳڀرائي کان پوءِ ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ امير جماعت اسلامي چيو ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، عورت سياسي قيدين جي گرفتاري ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، حڪومت عورت سياسي قيدين کي فوري آزاد ڪري، هن چيو ته 9 مئي کانپوءِ قيد سياسي اڳواڻن کي به آزاد ڪيو وڃي، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ محمود الرشيد کي وڌيڪ قيد رکڻ جو جواز ناهي.

You might also like