لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا بئڪ ڊور رابطن سبب لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ کانپوءِ اڃا تائين حڪومت ڳالهين جو ڪو اشارو ناهي ڏنو، پر اسان حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي ته جيئن اها پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري.
هن چيو ته 27 سيپٽمبر وارو لانگ مارچ ڪنهن بئڪ ڊور رابطي سبب ملتوي نه ڪيو ويو، پر اهو پارٽي جو انفرادي فيصلو هو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته علامه ناصر عباس ۽ محمود اچڪزئي موجود آهن، ڪو رابطو ٿئي ٿو ته ضروري ناهي ته اِهو ترت منظرعام تي اچي.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي تازي لهر ان ڳالهه جي گُهر ڪري ٿي ته سڀ گڏجي ويهن ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪو فيصلو ٿيو ته اسان ان تي عمل ڪنداسين، اسان جو مطالبو اهو ئي آهي ته پارٽي باني کي شفا اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
You might also like