لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ پرڏيهي ڪنسلٽنٽس جي مقرري جو امڪان آهي.
ذريعن موج، پي سي بي جي اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر شان ٽيٽ سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر مارٽن گپٽل سان به پي سي بي جا رابطا جاري آهن.
شان ٽيٽ سان بالنگ ڪنسلٽنٽ، جڏهن ته مارٽن گپٽل سان فيلڊنگ ڪنسلٽنٽ جون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.
شان ٽيٽ 2022-23ع ۾ هڪ سال تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ رهي چڪو آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ تائين بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ به رهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شان ٽيٽ لاءِ ٽنهي فارميٽس ۾ مستقل ڪوچ جون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ممڪن نه هو، هن خانداني مصروفيتن سبب بنگلاديش ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان ڪري هاڻي کيس ڪنسلٽنٽ طور شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ جي مارٽن گپٽل سان معاملا طئي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن.
ايشلي نوفڪي جي استعيفيٰ کانپوءِ پي سي بي بالنگ ڪوچ جي مقرري لاءِ اشتهار جاري ڪري رکيو آهي، جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ فيلڊنگ ڪوچ لاءِ به اشتهار جاري ڪيو ويو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو قومي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچن سان رابطو، اهم نالا سامهون اچي ويا
You might also like