اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءٌ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هنن کي پاڪستان سان گڏ رهڻو آهي يا افغانستان سان.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پر خيبرپختونخوا جي قيادت جو سڄو ڌيان هڪ قيدي کي جيل مان آزاد ڪرائڻ تي کُتل آهي.
هن چيو ته سهيل آفريدي انتظامي طور ناڪامي کانپوءِ هاڻي سياسي طور به ناڪام ٿي چڪو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جو عوام بنيادي سهولتن لاءِ ٻين صوبن جو رخ پيو ڪري.
هن چيو ته صوبي اندر تباهي ۽ بربادي پکڙجي چڪي آهي، دهشتگردي کي صوبائي حڪومت روڪي نه سگهي.
هن چيو ته افغانستان کان ٿيندڙ فائرنگ جي اڄ تائين مذمت ناهي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته پاڪستان سان گڏ رهڻو آهي يا افغانستان سان گڏ.
وفاقي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت هر سال خيبرپختونخوا حڪومت کي اربين رپيا فنڊز ڏنا وڃن ٿا، ڪائونٽر ٽيررازم جي مد ۾ ملندڙ رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي؟
هن چيو ته گهرو کاتي طرفان خيبرپختونخوا پوليس لاءِ جديد گاڏيون ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر اها رد ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قيادت خيبرپختونخوا پوليس کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.
ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو ته افغانستان بابت اوهان جو رويو ايترو نرم ڇو آهي؟ اوهان کي بلٽ پروف گاڏيون ڏنيون وڃن ٿيون، پر اوهان اهي واپس ڪري ڇڏيو ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ جيڪو نئون پوليس ايڪٽ آيو آهي، ان ۾ پوليس جا اختيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
You might also like