ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي وياج جي شرح ۾ واڌ جي امڪانن سبب پاڪستان ۾ سون جي اگهن وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 12 هزار 800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 38 هزار 136 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 10 هزار 973 رپيا لاٿ بعد 3 لک 75 هزار 631 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 128 ڊالر گهٽجي 4 هزار 156 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
You might also like