پي ٽي آءِ لانگ مارچ ملتوي: عطا تارڙ ۽ سهيل آفريدي ۾ لفظي جنگ

سيد مجاهد علي

پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ڇڏيو آهي، پر وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف بزدل آهي، ان ڪري احتجاج کان ڀڄي وئي آهي. ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي اڄ رات احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو پارٽي جي سياسي حڪمت عملي جو حصو آهي.

انهن معنائن ۾ اها حڪمت عملي سمجهه ۾ ايندڙ ضرور آهي ته حڪومت اسلام آباد کي گهيرو ڪري ڇڏيو هو. شهر جي چوڌاري ڪنٽينر ۽ رڪاوٽون بيهاري عام شهرين لاءِ زندگي ڏکي بڻائي وئي هئي، جڏهن ته خاص فورسز جون ڊيوٽيون لڳايون ويون هيون ۽ ڪنهن به قيمت تي احتجاج روڪڻ جا اعلان ڪيا پئي ويا. هاڻي جيڪڏهن تحريڪ انصاف هر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ لانگ مارچ جي تاريخ اڳتي وڌائي سياسي گرمي پد برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي ٿي ته وفاقي حڪومت لاءِ گادي واري شهر جا ’حفاظتي انتظام‘ گهڻي عرصي تائين جاري رکڻ آسان نه هوندو. اهڙن انتظامن سبب سيڪيورٽي جا ٻيا شعبا پڻ متاثر ٿين ٿا. ان کان علاوه ڪيترين ئي شاهراهن کي بند ڪرڻ سان نه رڳو آمدرفت متاثر ٿيندي، پر ڪاروباري سرگرمين کي به نقصان پهچندو، جيڪو ملڪ جي وڏي آبادي لاءِ وڌيڪ معاشي مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هن پسمنظر ۾ تحريڪ انصاف طرفان عارضي وقفو وٺڻ کي مثبت قدم سمجهي سگهجي ٿو. حڪومت هن عرصي دوران پارٽي سان ڪنهن مفاهمت جي راهه ڪڍي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف جا ڪجهه مطالبا يقيناً ناقابل قبول ٿي سگهن ٿا، پر عمران خان کي قانوني سهولتون ڏيڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي ناجائز طور هراسان ڪرڻ کان پاسو ڪري اعتماد جي فضا پيدا ڪري سگهجي ٿي. البته سهيل آفريدي طرفان پارٽي جي سياسي ڪميٽي جي اعلان کانپوءِ وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ جي تيز ۽ سخت پريس ڪانفرنس حالتن کي بهتر ڪرڻ بدران وڌيڪ ٽڪراءَ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. تارڙ نه رڳو لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ تي تحريڪ انصاف کي ’بزدل‘ قرار ڏنو، پر سهيل آفريدي تي ذاتي حملا پڻ ڪيا. سندس چوڻ هو ته ’دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ کين مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ پي ٽي آءِ جو معمول آهي. ان کانپوءِ اهي پاڻ کي ڪهڙي منهن سان سياسي ماڻهو سڏين ٿا؟ پي ٽي آءِ دهشتگردن جي منظور نظر آهي. خيبرپختونخوا جي سمورين سياسي پارٽين تي دهشتگردن حملا ڪيا آهن، پر اهي دهشتگردن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان مڪمل طور پاسو ڪن ٿيون، حالانڪه امن امان قائم رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.‘ عطا الله تارڙ جو چوڻ هو ته سهيل آفريدي وڏي وزير کان وڌيڪ تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر نظر اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته ’پي ٽي آءِ وٽ لانگ مارچ جي ڪا تياري ئي ناهي، ان ڪري اها احتجاج کان ڀڄي وئي آهي. جيڪڏهن همت اٿن ته اچن ۽ مارچ ڪن.‘

عطا الله تارڙ جي پريس ڪانفرنس ڪنهن اهڙي حڪومت جي نمائندي جو بيان محسوس نٿي ٿئي، جيڪا هڪ ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي گادي واري شهر کي اهڙي قلعي ۾ تبديل ڪري چڪي هجي، جتي نه ڪو غير لاڳاپيل ماڻهو داخل ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ٻاهر نڪري سگهي. عمران خان جي ڀينرن کان علاوه ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري تحريڪ انصاف جو احتجاج ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن هوندي به لڳي ٿو ته سمورين ڪوششن باوجود حڪومت کي اسلام آباد ڏانهن ڪنهن وڏي ڌاوَ جو خدشو هو، جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو امڪان موجود هو. ان ئي سبب شهر کي گهيري ۾ وٺي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

اهڙي صورتحال ۾ ته حڪومتي نمائندي کي تحريڪ انصاف جي فيصلي جي آجيان ڪندي، کيس احتجاج کان پاسو ڪرڻ ۽ سياسي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ گهرجي ها. پر بظاهر ملڪ جي سياست ۾ اهو رستو موجود ئي ناهي. هاڻي جڏهن وفاقي وزير اطلاعات خيبرپختونخوا حڪومت تي سڌي ريت دهشتگرد گروهن جي سرپرستي جا الزام لڳايا آهن ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي حڪومت جو رستو روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت ڪهڙا انتظامي يا سياسي قدم کنيا آهن.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن صوبي ۾ ’دهشتگردن‘ جي حڪومت هجي ۽ وفاقي حڪومت رڳو جمهوريت جو عذر پيش ڪري ان کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي رهي؟ ڇا تارڙ جي پريس ڪانفرنس وفاقي حڪومت طرفان ڪنهن سخت قدم جو اشارو آهي؟ ڇا خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۽ تحريڪ انصاف لاءِ سياسي گنجائش وڌيڪ محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن اهڙو ڪو قدم کنيو وڃي ته ڇا ان سان حالتون بهتر ٿينديون ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف حڪومتي مهم ڪامياب ٿي سگهندي؟ يا دهشتگردي کي مخصوص سياسي مقصدن جي تڪميل لاءِ نعري طور استعمال ڪيو پيو وڃي؟

ڪنهن وفاقي وزير کان اهڙي غير ذميواري جي اميد نٿي ڪري سگهجي. پر پاڪستان ۾ سياست ۽ حڪمراني جي گڏيل ماحول مان جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، ان ۾ هر ناممڪن ڳالهه به ممڪنات ۾ شامل ٿي چڪي آهي. مسلم ليگ (ن) جيڪا مرڪز سان گڏ پنجاب ۾ به اقتدار ۾ آهي، سمورن اختيارن جي باوجود پاڻ کي بي وس ۽ ڪمزور محسوس ڪري رهي آهي. ان جي عوامي مقبوليت بابت سخت سوال موجود آهن ۽ مخالف ڌر جا حلقا اهو موقف رکن ٿا ته شايد اها پارٽي پنجاب ۾ به آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن ۾ پنهنجي سياسي حيثيت برقرار نه رکي سگهي. حيرت اها آهي ته اهڙي سياسي پوزيشن کي ڌمڪين ۽ الزام تراشي ذريعي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهريان اسلام آباد بند ڪري ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري پاڻ کي بي خوف ۽ سرگرم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ۽ هاڻي سهيل آفريدي کي ’دهشتگرد‘ ۽ تحريڪ انصاف کي ’بزدل‘ قرار ڏئي غير ضروري سياسي بيچيني پيدا ڪئي پئي وڃي. تحريڪ انصاف پڻ ڪنهن واضح ايجنڊا کانسواءِ وفاقي گادي واري شهر ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ ان جو بنيادي مقصد عمران خان لاءِ رعايتون حاصل ڪرڻ آهي، پر اهو مقصد پارٽي جي صفن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪري به حاصل ڪري سگهجي ها. پارليامينٽ ۾ پارٽي جي قابل ذڪر نمائندگي موجود آهي، پر ان نمائندگي کي به ڪنهن واضح سياسي مقصد لاءِ اثرائتي نموني استعمال نه ڪيو ويو آهي. پارلياماني سياست ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن حد تائين غير اثرائتي بڻجي وئي آهي. ان ڪري سڄو زور اشتعال انگيز بيانن ۽ احتجاج جي اعلانن تي ڏنو وڃي ٿو. پارٽي عام طور تي پرامن احتجاج جي ڳالهه ڪري ٿي، پر سهيل آفريدي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن جا بيان پرامن احتجاج جي عڪاسي نٿا ڪن. اڄ به احتجاج ملتوي ڪندي پرامن احتجاج تي زور ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن پارٽي جو احتجاج واقعي پرامن هوندو ته پوءِ ’سومنات برپا ڪرڻ‘ ۽ حڪومت کي ڀڄائي ڪڍڻ جهڙيون دعوائون ڪهڙي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون؟ ان کان اڳ 9 مئي 2023ع ۽ 26 نومبر 2024ع جا احتجاج ان ڳالهه جا مثال آهن ته جڏهن به تحريڪ انصاف ’انصاف‘ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي روڊن تي نڪرڻ جو سڏ ڏئي ٿي ته صورتحال ٽڪراءَ ڏانهن وڌي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۾ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿئي ٿو. انهن تجربن کانپوءِ حڪومت پي ٽي آءِ تي اعتماد نٿي ڪري، جڏهن ته پارٽي جا اڳواڻ پڻ پنهنجن پرامن ارادن بابت يقين ڏيارڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن. جڏهن ته هن وقت ملڪ کي عالمي ۽ اندروني سطح تي مختلف ۽ پيچيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهن سمورن مسئلن جو الزام رڳو هڪ حڪومت تي وجهي عوام کي سياسي تبديلي ذريعي هر ڏکيائي تي ضابطو آڻڻ جي اميد نٿي ڏياري سگهجي. عمران خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي گرفتاري تي بحث ٿي سگهي ٿو، پر اهو چوڻ درست نه هوندو ته انهن جي آزادي سان ملڪ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا.

پاڪستان جا مسئلا قومي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ، آبادي ۾ تيزيءَ سان واڌ، سياسي بي اعتمادي جي ماحول ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ واقعن جي مختلف اثرن سميت هڪ ڊگهي فهرست تي ٻڌل آهن. انهن مسئلن کي رڳو هڪ حڪومت ڪيرائڻ ۽ ڪنهن پسنديده شخص کي اقتدار ۾ آڻڻ سان حل نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين، سمورن ادارن ۽ عوام جي مختلف طبقن وچ ۾ يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. پر عطا الله تارڙ ۽ سهيل آفريدي جا بيان هڪجهڙي نموني اهو ظاهر ڪن ٿا ته رڳو مخالف ڌر ئي نه، پر حڪومت به مسئلن جي شدت کي سمجهڻ يا انهن جي حل ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.

You might also like