”مارشل لا هَڻُ“، ٽرمپ کي وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ خيرخواهن جي صلاح

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مڊٽرم چونڊن دوران مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن.
سي اين اين جي رپورٽ موجب، ”دي ائٽلانٽڪ“ جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ جي وائيٽ هائوس کان ٻاهر ڪجهه صلاحڪار کيس اهڙو مشورو ڏئي رهيا آهن.
رپورٽ موجب، ٽرمپ جي ڪجهه صلاحڪارن طرفان ايندڙ وفاقي چونڊن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بابت خيال پيش ڪيا ويا آهن.
سي اين اين جي ٽرانسڪرپٽ موجب، انهن ماڻهن ۾ ٽرمپ جا ساٿي ۽ وڪيل پيٽر ٽِڪٽن پڻ شامل آهن.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس ”دي ائٽلانٽڪ“ کي ٻڌايو ته ٽِڪٽن، ٽينا پيٽرز ۽ وائن ايلن روٽ جهڙين شخصيتن جو وائيٽ هائوس جي چونڊ پاليسي ۾ ڪو ڪردار ناهي.

You might also like