گڏيل قومن جو اجلاس، پزشڪيان جي تقرير ۽ عالمي انصاف جو سوال

عبدالمجيد نائچ

عالمي سياست ۾ امن، انصاف، برابري ۽ انسانيت جهڙا لفظ هميشه دلڪش محسوس ٿيندا آهن، پر انهن لفظن جي اصل معنيٰ ان وقت سامهون ايندي آهي، جڏهن رياستون انهن کي پنهنجي عملي پاليسين جو حصو بڻائين. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ خطاب دوران اهڙي عالمي نظام جي ضرورت تي زور ڏنو، جنهن جي بنياد عالمي قانون، برابري، انصاف ۽ گڏيل انساني مفادن تي هجي. هن طاقت جي بالادستي بدران قانون جي حڪمراني ۽ جنگ بدران ڳالهين کي رستو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

اها ڳالهه پنهنجي اصولي صورت ۾ اهڙي آهي، جنهن سان اختلاف ڪرڻ آسان ناهي. دنيا اڳ ئي ڪيترين جنگين، فوجي ٽڪراءَ، سياسي ڇڪتاڻ ۽ انساني المين جو بار کڻي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به رياست جي سربراهه طرفان امن ۽ عالمي سهڪار جي ڳالهه يقيناً اهم بڻجي ٿي. پر عالمي سياست ۾ ڪنهن اڳواڻ جي تقرير جو وزن رڳو لفظن سان طئي نٿو ٿئي؛ ان جو تعلق ان رياست جي عملي روش سان به هوندو آهي، جنهن جي هو نمائندگي ڪري ٿو. پزشڪيان جي خطاب کي سمجهڻ لاءِ ايران جي اندروني سياسي ڍانچي ۽ علائقائي پاليسين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ايران جو صدر ملڪ جو چونڊيل سربراهه ضرور آهي، پر ايراني نظام ۾ حتمي طاقت جا سمورا مرڪز صدارتي منصب وٽ گڏ ناهن. مذهبي قيادت، پاسدارانِ انقلاب ۽ ٻيا طاقتور ادارا رياستي فيصلن تي اثرانداز ٿين ٿا. ان ڪري صدر جي سياسي ارادن ۽ ملڪ جي مجموعي پاليسيءَ جي وچ ۾ فرق جو سوال پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿو.

هتي اصل بحث پزشڪيان جي ذاتي ارادن کان وڌيڪ ان نظام جو آهي، جنهن اندر هو صدر جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن چونڊيل حڪمران وٽ اهم معاملن تي مڪمل فيصلائتي اختيار موجود نه هجن، ته پوءِ سندس عالمي اپيلن کي ملڪ جي اندروني پاليسين سان گڏ ڏسڻ ضروري بڻجي وڃي ٿو. امن جي ڳالهه ڪندڙ قيادت کي اهو به ڏسڻو پوندو ته جنگ، اختلاف، اظهارِ راءِ ۽ سياسي آزاديءَ بابت ساڳيا اصول سندس پنهنجي شهرين لاءِ ڪهڙي حد تائين موجود آهن.

گڏيل قومن جي فورم تي پزشڪيان ايران ۾ ٿيل تباهي، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۽ مارجي ويل ٻارن جا منظر دنيا آڏو رکيا. جنگ ۾ معصوم انسانن جي موت ۽ گهرن جي تباهي يقيناً انساني الميو آهي، جنهن کي ڪنهن به سياسي بحث ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پر انساني درد جي تصوير جيڪڏهن هڪ طرف کان ڏيکاري وڃي ۽ ٻي طرف موجود انساني تڪليفن کي نظرانداز ڪيو وڃي، ته بحث اڌورو رهجي وڃي ٿو.

ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين تي عالمي سطح تي تنقيد جا ڪيترائي آواز موجود آهن. آمريڪي معاشري، ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ به حڪومتي جنگي پاليسين تي اختلاف ۽ سوال اٿارڻ جا مثال ملن ٿا. ان جي مقابلي ۾ ايران جي اندر طاقتور مذهبي ۽ عسڪري ادارن بابت آزادانه تنقيد جي گنجائش جو سوال اڃا به اهم آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ رياست جي طاقتور مرڪزن بابت اختلاف ڪندڙ آواز محدود ٿي وڃن، ته پوءِ ساڳيو ملڪ عالمي سطح تي آزادي ۽ انصاف جي ڳالهه ڪري ته ان جي اندروني تضاد تي سوال اٿڻ فطري آهي. انهيءَ ڪري پزشڪيان جي عالمي خطاب جو اهم امتحان به اهو ئي آهي ته ايران اندر عام شهري کي ڪيتري آزادي حاصل آهي. ڇا هو حڪومت جي پاليسيءَ تي سوال ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ميڊيا طاقتور ادارن جي فيصلن تي کليل بحث ڪري سگهي ٿي؟ ڇا اختلاف راءِ کي رياست دشمن سرگرمي سمجهڻ بدران سياسي حق طور قبول ڪيو وڃي ٿو؟ عالمي انصاف جو تصور انهن سوالن کان الڳ نٿو ٿي سگهي. پزشڪيان پنهنجي خطاب ۾ اهڙي دنيا جي مخالفت ڪئي، جتي طاقتور ملڪ پنهنجي مرضي ڪمزور رياستن تي مڙهين. هن فوجي طاقت کي انصاف جو متبادل بڻائڻ، جنگ کي سفارتڪاريءَ تي غالب اچڻ ۽ طاقت جي زور تي عالمي فيصلا ڪرائڻ واري روش کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن ۽ دنيا جي ملڪن کي گڏيل ذميواري ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ اهو تاثر ڏنو ته ايران جي اپيل ڪمزوريءَ مان نه، پر پنهنجي موقف تي اعتماد مان جنم وٺي رهي آهي. پر عالمي سياست جو ڏکيو سوال اهو آهي ته اهي اصول عملي دنيا ۾ ڪيئن لاڳو ٿين ٿا. جيڪڏهن طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ته اها مخالفت پنهنجي اتحادي قوتن ۽ پنهنجي پاليسين تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن خودمختياري جو احترام ضروري آهي ته پاڙيسري ملڪن جي خودمختياريءَ جو احترام به ساڳئي اصول تحت ٿيڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن جنگ کي سفارتڪاريءَ جي جاءِ وٺڻ کان روڪڻ ضروري آهي ته پوءِ تڪرارن جي حل لاءِ فوجي دٻاءَ بدران ڳالهين جا رستا اختيار ڪرڻ به لازمي بڻجي ٿو.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ’اعلانِ اسلام آباد‘ کان پوءِ به تڪرار ختم ٿيڻ بدران ٻيهر وڌيو. آبنائي هرمز بابت ايران جي پاليسي، سامونڊي آمدرفت ۽ جهازن خلاف ڪارروائين جا الزام، ۽ ان جي جواب ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائيءَ صورتحال کي ٻيهر ڇڪتاڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ايران جي مخالف ڌر جو موقف رهيو آهي ته پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل پاليسين ڇڪتاڻ گهٽائڻ بدران ان جي دائري کي وسيع ڪيو. يمن ۾ حوثين جي ذريعي سعودي عرب سان وڌندڙ محاذ آرائيءَ پڻ علائقائي صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻايو.

اهڙي صورتحال ۾ امن جي لفظن ۽ زميني حقيقتن جو مقابلو پاڻ هڪ اهم سياسي سوال بڻجي وڃي ٿو. هڪ طرف عالمي فورم تان جنگ ختم ڪرڻ، ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ته ٻئي طرف علائقائي طاقت جي استعمال سان لاڳاپيل پاليسيون انهن دعوائن بابت سوال پيدا ڪن ٿيون. ايران جو موقف اهو رهيو آهي ته عرب ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ايران خلاف ڪاررواين ۾ استعمال ٿين ٿا، تنهنڪري اهي اڏا ۽ انهن سان لاڳاپيل هدف ايران جي دفاعي حڪمت عمليءَ جو حصو بڻجي سگهن ٿا. پر عرب رياستن جو پنهنجو موقف ۽ خودمختياري پڻ هڪ حقيقت آهي. ڪنهن ملڪ جو آمريڪا سان دفاعي يا فوجي تعاون ڪرڻ لازمي طور ان ڳالهه جو مطلب نٿو بڻجي ته ان ملڪ کي ايران سان جنگ جو ڌر بڻايو وڃي.

جيڪڏهن تهران کي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي موجودگيءَ تي اعتراض آهي ته ان اعتراض لاءِ سفارتي، سياسي ۽ عالمي ادارن جا رستا موجود آهن. گڏيل قومن ۾ مسئلو کڻي وڃڻ، سفارتي دٻاءُ وڌائڻ، ڳالهين ذريعي فوجي معاهدن تي سوال اٿارڻ ۽ علائقائي ملڪن سان سياسي رابطا وڌائڻ اهي طريقا آهن، جن سان ڪنهن تڪرار کي وسيع جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ کي جنگي ڪارروائيءَ جو سبب بڻايو وڃي ته ان جا نتيجا گهڻو وسيع ٿي سگهن ٿا. اهڙي حڪمت عمليءَ سان شايد مخالف ڌر تي سڌو اثر وجهڻ جو مقصد هجي، پر ان جو بار عام شهرين، علائقائي معيشت، واپار ۽ عالمي توانائي جي فراهميءَ تي به پئجي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ ملڪ خلاف شروع ٿيل تڪرار ڪيترن ئي ملڪن لاءِ بحران بڻجي سگهي ٿو.

اڄ جي وچ اوڀر ۾ طاقت جو استعمال رڳو ميزائلن يا جنگي جهازن تائين محدود ناهي. آمريڪا پنهنجي وڏي فوجي صلاحيت ذريعي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته ايران ميزائلن، ڊرونن، سامونڊي رستن ۽ علائقائي نيٽ ورڪن کي پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ استعمال ڪري ٿو. ٻنهي ڌرين وٽ پنهنجا دليل ۽ سلامتيءَ جا دعوائون آهن، پر جنگ جي آخري قيمت اڪثر عام ماڻهو ادا ڪن ٿا. انهيءَ پسمنظر ۾ ايران جي مذهبي ۽ سياسي نظام جو بنيادي ڍانچو پڻ بحث کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي. امام خمينيءَ جي ’ولايتِ فقيه‘ جو تصور اڄ به ايراني رياستي نظام ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته ان تصور ۽ ايران جي علائقائي پاليسين بابت پاڙيسري عرب ملڪن ۾ ڊگهي عرصي کان خدشا موجود رهيا آهن. ان هوندي به 2023ع ۾ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحاليءَ اهو ڏيکاريو ته سخت اختلافن جي باوجود سفارتڪاريءَ لاءِ رستا پيدا ڪري سگهجن ٿا.

عرب ملڪن پاران ايران سان تڪرار جي مختلف مرحلن ۾ احتياط اختيار ڪرڻ پڻ علائقائي جنگ جي دائري کي محدود رکڻ جي ڪوشش طور ڏٺو ويو. ڪيترن ئي ملڪن ايران سان سڌي فوجي مقابلي کان پاسو ڪيو. پر تهران جي ڪجهه پاليسين بابت تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته اهڙيون حڪمت عمليون مستقبل ۾ پاڙيسري ملڪن کي وڌيڪ غيرمحفوظ ڪري سگهن ٿيون ۽ موجوده ڇڪتاڻ کي وسيع علائقائي بحران ۾ تبديل ڪري سگهن ٿيون.

جيڪڏهن جنگ جو دائرو وڌي وڃي ته ان جا اثر ايران ۽ آمريڪا جي حدن تائين نه رهندا. اسرائيل جي فوجي حيثيت، عرب ملڪن جي سياسي استحڪام، توانائيءَ جي عالمي منڊي، سامونڊي واپار ۽ علائقائي معيشت سڀ متاثر ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ڪنهن به رياست جي فوجي حڪمت عمليءَ کي رڳو ان جي پنهنجي سلامتيءَ جي عينڪ سان ڏسڻ ڪافي ناهي؛ ان جا پاڙيسري ۽ عالمي اثر پڻ سامهون رکڻا پوندا. ان سڄي بحث جو مرڪز آخرڪار ايران جي عام شهرين ڏانهن موٽي اچي ٿو. جيڪڏهن عالمي انصاف، انساني وقار ۽ آزادي ايران جي پرڏيهي پاليسيءَ جا اهم اصول آهن ته اهي قدر اندروني سطح تي به نظر اچڻ گهرجن. ايراني شهري به اظهارِ راءِ، اختلاف، انصاف ۽ سياسي شرڪت جا اهي ئي حق رکن ٿا، جيڪي دنيا جي ٻين سماجن جا ماڻهو رکندا آهن. انساني حقن جي ماپ سرحدن سان تبديل نه ٿيڻ گهرجي. جنگ ۾ مارجي ويل ٻار ايراني هجن، فلسطيني، اسرائيلي، آمريڪي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا، سندن انساني حيثيت ساڳي آهي. ڪنهن هڪ ڌر جي بمباريءَ سان ٿيندڙ موت تي افسوس ۽ احتجاج جيڪڏهن جائز آهي ته ساڳيو انساني معيار ٻين رياستي ڪاررواين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي. انسانيت جو اصول چونڊيل نه، آفاقي هجڻ گهرجي.

دنيا کي اهڙي امن جي ضرورت آهي، جيڪو طاقتور لاءِ الڳ ۽ ڪمزور لاءِ الڳ قانون نه ٺاهي. عالمي انصاف جو مطلب اهو ئي آهي ته اصول مخالفن لاءِ به ساڳيا هجن ۽ پنهنجن لاءِ به. جيڪڏهن ايران عالمي سطح تي طاقت بدران قانون، جنگ بدران ڳالهين ۽ بالادستي بدران برابريءَ جو نظام چاهي ٿو ته پوءِ انهن اصولن جو عملي اظهار پنهنجي ملڪ جي اندر به ضروري بڻجي وڃي ٿو. ايراني عوام کي پنهنجي حڪومت کان سوال ڪرڻ، پنهنجي راءِ ڏيڻ، اختلاف رکڻ، انصاف گهرڻ ۽ پنهنجي مستقبل بابت سياسي راءِ قائم ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي. اهڙي آزادي ڪنهن ٻاهرين طاقت جي تحفي طور نه، پر شهري حق جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي. عالمي انصاف جو تصور تڏهن ئي مڪمل ٿيندو، جڏهن رياست پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به انصاف جي ڳالهه ڪري ۽ پنهنجي اندر به شهرين جي حقن کي ساڳئي سنجيدگيءَ سان تسليم ڪري. ر امن جو مطلب صرف توپن جو خاموش ٿي وڃڻ ناهي. امن هڪ اهڙو سياسي ۽ سماجي ماحول به آهي، جتي شهري پنهنجي ڳالهه ڪرڻ کان خوفزده نه هجي، انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ طاقتور هجڻ ضروري نه هجي ۽ اختلاف کي دشمنيءَ جي برابر نه سمجهيو وڃي. جنگ جي خاتمي سان امن جو دروازو کلي سگهي ٿو، پر امن کي قائم رکڻ لاءِ قانون، اعتماد، آزادي ۽ انصاف جو نظام ضروري آهي.

پزشڪيان جو عالمي فورم تان ڏنل پيغام ان لحاظ کان هڪ وڏو اصولي سوال به ڇڏي ٿو: ڇا عالمي انصاف لاءِ پيش ڪيل اصول اندروني حڪمرانيءَ ۾ به ساڳئي قوت سان لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ دنيا کي قائل ڪرڻ لاءِ خوبصورت لفظ اهم ضرور آهن، پر رياستن جي تاريخ آخرڪار انهن جي تقريرن کان وڌيڪ انهن جي عملن کي محفوظ رکندي آهي. عالمي نظام کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ جي پهرين آزمائش شايد عالمي فورمن تي نه، پر پنهنجي ئي شهرين سان رياست جي ورتاءَ ۾ ٿيندي آهي.

You might also like