اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي 27 سيپٽمبر تي اعلانيل احتجاجي مارچ کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا کي ملائيندڙ اٽڪ پل ۽ ان جي ڀرپاسي وڌيڪ سخت رنڊڪون قائم ڪري اسلام آباد ايندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پشاور روڊ راولپنڊي کان اسلام آباد جي داخلا واري هنڌ روات ٽي چوڪ تي لڳايل ڪنٽينر هٽائڻ جا اطلاع آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، جمعي ڏينهن ٽي چوڪ ذريعي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ رستو ايل ٽي وي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو ۽ اتي رکيل سمورا ڪنٽينر هٽايا ويا.
ٻئي پاسي اٽڪ پل جي ڀرپاسي جي وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسلام آباد ايندڙ رستن تي وڌيڪ سخت رنڊڪون کڙي ڪري رستا بند ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته تحريڪِ انصاف طرفان 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ جي ڪال ڏني وئي آهي.
مارچ کان اڳ ئي مقامي انتظاميا شهر جي اچ وڃ ۽ اهم رستن تي سوين ڪنٽينر آڻي رکيا آهن، جن کي ضرورت پوڻ تي منتقل ڪري رستا بند ڪيا ويندا.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گذريل جمعي تي پريس ڪانفرنس دوران واضح ڪيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي تناظر ۾ ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اسلام آباد پوليس موجب، ريڊ زون، جنهن ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو کانسواءِ وزيراعظم هائوس، ايوانِ صدر، پارليامينٽ هائوس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ سميت ٻيون اهم عمارتون موجود آهن، کي 27 سيپٽمبر کان اڳ مڪمل طور سيل ڪيو ويندو.
پي ٽي آءِ جي 27 سيپٽمبر واري احتجاج کي نظر ۾ رکندي سينٽرل پنجاب جي ضلعن مان گذرندڙ ٻن دريائن جي پلن جي ڀرپاسي روڊن جي ڪنارن تي به ڪنٽينر آڻي بيهاريا ويا آهن، جڏهن ته انهن هنڌن تي واريءَ ۽ مٽيءَ سان ڀريل ٻوريون به آنديون پيون وڃن.
هوڏانهن گذريل ڏينهن گهرو کاتي طرفان اسلام آباد ۽ پنجاب جي چئن ضلعن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو هو.
گهرو وزارت، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ پنجاب حڪومت جي درخواست تي رينجرز جي مقرري ۽ کين قانوني اختيارن تحت مڪمل سهڪار جي اجازت ڏني آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن جي حملن جي صورت ۾ رينجرز ۽ پوليس مناسب ۽ ضروري جوابي ڪارروائي ڪندي، جڏهن ته ڪنهن به پرتشدد سرگرمي يا خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس مڪمل قدم کڻندي.
پي ٽي آءِ لانگ مارچ: اٽڪ پل ڀرسان سخت رنڊڪون، اسلام آباد ايندڙ رستا بند؛ روات ٽي چوڪ جا ڪنٽينر هٽايا ويا
You might also like