سنڌ اسيمبلي ميمبرن طرفان ڪي اليڪٽرڪ سربراهه خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي جي جوابن تي ميمبرن ۽ نمائندي وچ ۾ گرماگرمي ٿي، ڪميٽي ميمبرن ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) خلاف وارنٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻن نمائندن  کي اجلاس مان ڪڍيو ويو، اجلاس دوران ميمبرن شڪايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي سندن 3 ڪلاڪ ضايع ڪيا آهن، ميمبرن چيو ته ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم معاملن تي جواب ڏيڻ بدران وقت ضايع ڪيو ويو، جنهن تي ميمبرن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، ڪميٽي ميمبرن اعلان ڪيو ته ايندڙ اجلاس ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اندر نه، پر آفيس ٻاهران خيمي ۾ منعقد ڪيو ويندو، اجلاس دوران ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي خلاف وڌيڪ ڪارروائي ۽ سي اي او کي طلب ڪرڻ بابت پڻ مطالبا سامهون آيا، ميمبرن چيو ته اڄ سڄو ڪراچي لوڊشيڊنگ ڀوڳي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ وارن جواب ناهن ڏنا، جيڪي ٻه نمائندا ڪي اليڪٽرڪ آيا هئا اسان انهن مان مطئمن ناهيون، جيڪي ماڻهو بل نه پيا ڏين انهن جي بجلي بند ڪيو وڃي، اجلاس ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو وارن چيو ته اسان لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ڪنداسين، ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سجاد علي سومرو سنڌ اسيمبلي جي گئري ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جي گرفتاري تائين مسئلو حل نه ٿيندو، سجاد علي سومرو الزام لڳايو ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جا پنهنجا نمائندا مبينا طور بجلي چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آهن، هن چيو ته معاملي جي حل لاءِ ذميوارن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.

You might also like