ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 6 هفتن کان پوءِ شاهراهه فيصل تي ڪراچي جا نوجوان پنهنجو صوبو گهرڻ لاءِ نڪرندا، فيڊرل بي ايريا ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيندڙ رقم شهر جي ترقي بدران وزيراعليٰ هائوس ۾ رکجي وڃي ٿي، هن چيو ته ڪراچي جو ساليانو حصو 664 ارب رپيا بڻجي ٿو، پر سنڌ جا حڪمران 100 ارب رپين جي خيرات به نٿا ڏين. ڪراچي هاڻي خيرات بدران نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي صورت ۾ پنهنجو حق وٺندو، 18 سالن کان ڪراچي جي وسيلن تي مبينا طور ڌاڙو هنيو پيو وڃي. ڪراچي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي سندن جائز حق ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ 6 هفتن کانپوءِ ڪراچي جا نوجوان پنهنجو صوبو گهرڻ لاءِ نڪرندا.