مير رضا ڪيس، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه جي شڪايت تي جاچ جو حڪم

اسلام آباد  (بيورو) مير رضا ڪميشن پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه پاران سوشل ميڊيا تي مبينا منفي مهم ۽ هراسان ڪرڻ بابت شڪايت تي اين سي سي آءِ کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رپورٽن موجب ڪميشن جاچ لاءِ سينيئر آفيسر مقرر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سمعيه ۽ ڊاڪٽر اسامه وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ جي فارنزڪ جاچ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو، گذريل ڏينهن جي ڪارروائي بابت جاري ڪيل لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر سمعيه، ڊاڪٽر اسامه جي مبينا چوڻ تي پنهنجي خلاف منفي مهم هلائڻ جي شڪايت ڪئي، حڪم نامي موجب ڊاڪٽر اسامه جي ڪوششن جو مقصد عدالتي ڪميشن جي وقار کي نقصان پهچائڻ ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سمعيه کي هراسان ڪرڻ کي ناقابل قبول قرار ڏنو ويو، ٻئي طرف ڊاڪٽر سمعيه ڪميشن کي ڏنل درخواست ۾ الزام لڳايو هو ته ڊاڪٽر اسامه ڳالهه ٻولهه جا ڪجهه حصا ايڊٽ ڪري مخصوص ميڊيا چينلن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن کي فراهم ڪيا، هن چيو ته هوءَ مڪمل ڳالهه جو رڪارڊ پڻ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like