لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ هٿياربندن ڪار مٿان حملو ڪري ڪار ڊرائيور سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف مقتولن جي وارثن ۽ کوکر برادري لاش باب ذوالفقار وٽ رکي ڌرڻو هنيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته لاهوري محلا ۾ سري عام هٿياربندن زميني تڪرار تان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿيل کوکر برادري جي علي شير کوکر، الهورايو، منصور کوکر ۽ ڊرائيور محي الدين عرف محب مڱڻيجو جا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث نئون ديرو کڻائي پهتا. جتي کوکر برادري جي ماڻهن لاش باب ذوالفقار وٽ رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي مظاهرين مائي ارباب خاتون، جاويد علي، علي بابا، عرفان علي ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي عبدالقادر کوکر واري ڌر سان 2012ع کان جهيڙو هلندڙ آهي، جنهن اسان جي گل خان کي بيگناهه قتل ڪيو جنهن بعد مختلف وقتن تي حملا ڪري اسان جا اڄ واري واقعي سميت 8 ماڻهون بيگناھ قتل ڪيا آهن، هو ڏوهاري آهن پوليس انهن کي اڄ تائين ڪجهه به ناهي ڪيو، عبدالقادر کوکر، ان جي پٽن ۽ ٻين ساٿين اڄ به ڪورٽ مان شنوائي تان واپس موٽندڙ اسان جي 3 ڄڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪيو آهي جڏهن ته بيگناھ ٽيڪسي ڊرائيور کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس هن وقت تائين اسان سان انصاف ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس پهچي مقتول جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو جنهن بعد مقتول جا وارث لاش کڻائي نئون ديرو جي ريلوي ڦاٽڪ وٽان ڳوٺ پهتا جتي هڪ ئي وقت 3 ڳڀرو نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ دانهون پئجي ويون، وارث عورتون توڙي مرد لاشن کي چنبڙي دانهون ڪري قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيا هئا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون، هوڏانهن ياد رهي ته هلندڙ تڪرار ۾ اڄ تائين ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جنهن موجب عبدالقادر کوکر ۽ غلام قادر کوکر جي ڌرين وچ ۾ 2012ع ۾ شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين غلام قادر واري ڌر جا گل کوکر، سڪندر کوکر، علي شير، الهورايو، منصور کوکر مارجي چڪا آهن جڏهن ته عبدالقادر واري ڌر جو هڪ ڄڻو پرويز کوکر قتل ٿيو هو، جڏهن ته هن تڪرار ۾ اڄ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور محي الدين عرف محب مڱڻيجو به بيگناهه موت جو کاڄ بڻجي ويو.