سنڌ کي ورهائڻ وارو ڪو به ضيائي ريفرينڊم قبول ناهي: اڳواڻ

حيدرآباد (پ ) سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ ۽سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ عوامي سجاڳي مهم هلائي وئي. ان سلسلي ۾ وحدت ڪالوني، ٽيڪنيڪل ڪاليج، ايگريڪلچرل ڪامپليڪس، وحدت ڪالوني، گدو چوڪ، پٺاڻ ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ عوام ۾ هينڊ بل ورهايا ويا ۽ سنڌ جي جي وحدت تي ٿيندڙ وار بابت عوام کي سجاڳ ڪيو ويو، عوامي سجاڳي مهم جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر سرمد سائينداد خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، شاھين خاصخيلي، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، سرمد راڄپر، حاجي خان سمون، شعيب ڀٽو ۽ احمد علي ٽالپر ڪئي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مختلف علائقن ۾ دڪاندارن، رهواسين، نوجوانن، عورتن ۽ شهرين کي هينڊ بل ڏنا ۽ سنڌ جي زمينن، پاڻي، وسيلن ۽ وحدت کي درپيش خطرن بابت آگاهي ڏني، حيدرآباد ۽ مويا ۾ خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ وارو ڪو به ضيائي ريفرينڊم قبول ناهي، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، سنڌ ورهائڻ جي ڳالھ ڪندڙ وطن ۽ قوم جا غدار آهن، سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪو به بحث قبول نه ڪبو، هنن چيو ته سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ڪندڙ ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا، سنڌ کي ديوار سان لڳائي ملڪ هلائي نٿو سگهجي.

You might also like