ٻن ڏينهن لاءِ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي، اسلام آباد ۽ اٽڪ ضلعي ۾ 26 ۽ 27 سيپٽمبر تي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سيڪيورٽي انتظامن تحت جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت اٽڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند رهندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنج ڏينهن اڳ ٿيل اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ۾ موٽرويز، جي ٽي روڊ ۽ ٻين اهم رستن کي بند ڪرڻ جي فيصلن سان گڏ امن امان برقرار رکڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي موبائل فون سروس معطل ڪرڻ تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو هو، جنهن تي هاڻي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like