نئون ڪراس شيئرنگ فيچر، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ريلز واٽس ايپ تي موڪلڻ جو صفا سولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ(جيڪڏهن توهان فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي اڪثر پوسٽون ڪندا آهيو ۽ انهن کي واٽس ايپ تي شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ته هاڻي اهو وڌيڪ آسانيءَ سان ممڪن ٿي سگهندو.
واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر سامهون آيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جون تصويرون، وڊيوز ۽ ريلز واٽس ايپ تي شيئر ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هن فيچر جي آزمائش جاري آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن واهپيدار واٽس ايپ ۾ ميڊيا پِڪر کوليندو ته اتي موجود ميڊيا ذريعن جي فهرست نظر ايندي.
نئين اپ ڊيٽ ۾ واٽس ايپ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام کي به انهن ذريعن ۾ شامل ڪيو آهي.
ان ذريعي واهپيدار پنهنجي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽن مان اسٽوريز، پوسٽون ۽ ريلز چونڊي واٽس ايپ تي شيئر ڪري سگهندا.
اهي ميڊيا فائلون گرڊ جي صورت ۾ نظر اينديون.
رپورٽ موجب، ڪراس شيئرنگ جو هي فيچر واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
في الحال اهو رڳو بيٽا ورزن ۾ آزمائشي مرحلي ۾ آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ان کي عام واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like