تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پابندين ۽ ڌمڪين باوجود ايراني ايئر لائنز جون عالمي اڏامون جاري آهن.
فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽ ”فلائيٽ ريڊار 24“ موجب، تهران کان رواني ٿيل ماهان ايئر جي هڪ اُڏام ڏکڻ چين ۾ لينڊ ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، ماهان ايئر جي اڏام 093 مقامي وقت موجب اربع ڏينهن شام 4 لڳي 39 منٽن تي چين جي شهر گوانگزو ۾ لٿي. گوانگزو بائي يون ايئرپورٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي ان اڏام جي لينڊنگ جا تفصيل موجود نه هئا، جڏهن ته ماهان ايئر جي معلومات ۾ گوانگزو کي لينڊنگ پوائنٽ طور ڏيکاريو ويو.
ان کان اڳ آمريڪا خبردار ڪيو هو ته اربع کان انهن ملڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي ايراني ايئر لائنز کي پنهنجي ايئرپورٽن تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيندا.
آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪو به ملڪ ايراني جهازن کي لينڊنگ سروسز فراهم ڪندو، ان کي ڊالر نظام مان خارج ڪيو ويندو.
ٻئي طرف آرمينيا جي راڄڌاني يريوان جي زوارتنوتس ايئرپورٽ جي ويب سائيٽ موجب، ايراني ايئر لائنز ڪيسپين ۽ فلائي ڪيش جون اڏامون به اربع ڏينهن يريوان کان تهران لاءِ روانيون ٿيون.
ايئرپورٽ جي معلومات موجب، يريوان کان تهران لاءِ مقرر ڪيل مجموعي 6 اڏامن مان 2 رد ڪيون ويون آهن.
ايراني ايئر لائنز يريوان کانسواءِ چين جي بيجنگ، شنگهائي ۽ گوانگزو سميت ٻين شهرن لاءِ پڻ سڌيون ۽ باقاعده اڏامون هلائين ٿيون.
آمريڪي پابنديون ايراني جهازن کي آسمان ۾ اُڏامڻ کان روڪي نه سگهيون، ماهان ايئر جو جهاز چين پهچي ويو
You might also like