واشنگٽن (ويب ڊيسڪ(وائيٽ هائوس يوٽيوب تي ”ٽرمپ ٽي وي“ جي نالي سان 24 ڪلاڪ هلندڙ نئون چينل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون تقريرون، اهم بيان ۽ انتظاميا جون نمايان وڊيوز نشر ڪيون وينديون.
وائيٽ هائوس جي اختيارين موجب، ”ٽرمپ ٽي وي“ کي حقيقي وقت ۾ اپ ڊيٽ ڪيو ويندو ۽ ان جي نشريات 24 ڪلاڪ جاري رهندي. چينل جي نشريات يوٽيوب ۽ وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي پڻ ڏسي سگهجي ٿي.
واضح رهي ته اهو قدم اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ٽرمپ تازو ئي سي اين اين سميت ٽن وڏن ميڊيا ادارن جي نمائندن جي وائيٽ هائوس ۾ داخلا تي پابندي لڳائي هئي.
ان کانپوءِ آمريڪا جي وڏن ٽي وي نيٽ ورڪن احتجاج طور ٽرمپ جي ڪوريج تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي.
You might also like