ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه 1800 رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1800 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 55 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 1543 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 90 هزار 720 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس 18 ڊالر گهٽجي 4 هزار 322 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.
You might also like