ملتان (ويب ڊيسڪ) مير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي ڏيهه واپسي تائين اسلام آباد لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ملتان ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ليِوي خلاف احتجاج ۽ لانگ مارچ تان پوئتي نه هٽندي.
سندس چوڻ هو ته عوام مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي شٽر بند هڙتال سبب حڪومت تي دٻاءُ وڌيو. حڪومت کي پيٽرول جا اگهه گهٽائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، پر حڪومت موقف اختيار ڪيو ته ملڪ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهي، ان ڪري ليِوي گهٽائي نٿي سگهجي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم شين تي لاڳو ناجائز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏي ته جماعت اسلامي اڄ ئي پنهنجو ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته هي ذاتي ايجنڊا ناهي، پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته لانگ مارچ کان اڳ حڪومتي وزيرن سان ملاقاتن جا ٽي کان چار دور ٿي چڪا آهن، پر حڪومت طرفان ڏنل رليف اڻپورو آهي، تنهن ڪري جماعت اسلامي لانگ مارچ ۽ احتجاجي تحريڪ تان هٿ نه کڻندي.
حافظ نعيم الرحمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف کيس فون ڪري لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته وطن واپس اچڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري پيٽروليم ليِوي واري معاملي تي ڳالهائيندو.
هن چيو ته ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم جي واپسي تي ساڻس ڳالهه ضرور ڪئي ويندي، پر تحريڪ تان هٿ نه کڻنداسين ۽ حڪومت کان پيٽروليم ليِوي بابت لکت ۾ خاطري ورتي ويندي.
تحريڪ تان هٿ نه کڻنداسين، وزيراعظم جي ڏيهه واپسيءَ تائين احتجاج ملتوي ڪيون ٿا: حافظ نعيم الرحمان
Next Post
You might also like