هڪ هزار رپين ۾ به پيٽرول نه ملندو،نوان صوبا ضرور ٺهندا

لاهور(بيورو)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪا صورتحال هلي رهي آهي، ان ۾ هزار رپين ۾ به پيٽرول نه ملندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽرول دستياب ناهي، مان معيشت بابت وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو چاهيان، عالمي منڊي جي حساب سان پيٽرول جي قيمت وڌندي آهي.محسن نقوي جو چوڻ هو ته اهي شهيد نه اسان جا شهيد آهن ۽ نه ئي انهن جا، اهي پاڪستان جا شهيد آهن. تحريڪ انصاف وارا ايترا بي حس ٿي ويا آهن جو نه پاڻ ۽ نه ئي سندن ڪو وزير شهيدن جي جنازي ۾ ويو.هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ جيڪي حالتون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن. اڃا به انهن وٽ وقت آهي ته اهڙي بند گهٽي ۾ نه وڃن، جتان واپسي جو ڪو رستو نه هجي.جيڪڏهن اهي لانگ مارچ ڪندا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرايو ويندووفاقي گهرو وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت مان اڪثر ماڻهو لانگ مارچ نٿا ڪرڻ چاهين. جيڪڏهن اهي لانگ مارچ ڪندا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي من و عن عمل ڪرايو ويندو، جڏهن ته اسان وٽ جيڪو به قانوني رستو هوندو، ان بابت فيصلو ڪنداسين.هن چيو ته اوهان جنهن طريقيڪار ڏانهن وڃي رهيا آهيو، ان سان پنهنجو ۽ پنهنجن ماڻهن جو نقصان نه ڪريو. هن ڀيري ائين نه ٿيندو ته اهي اچن ۽ ملڪ 10 يا 20 ڏينهن لاءِ بند ٿي وڃي، هن ڀيري مستقل حڪمت عملي ٺاهينداسين. محسن نقوي چيو ته مان پُراميد آهيان ته صوبا ضرور ٺهندا، نون صوبن جو معاملو تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

You might also like