37 هزار 307 ارب رپيا قرض ڪيڏانهن ويو؟عوام جا بنيادي مسئلا ته حل نه ٿيا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته هي رڪارڊ قرض آخر ڪيڏانهن ويو؟عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ معيشت کي مضبوط بڻائڻ بدران هي قرض هوائي جهازن، مرسڊيز گاڏين، ڪرپشن ۽ حڪمران طبقي جي عيش عشرت جي نذر ٿي ويوهن لکيو ته .موجوده حڪومت جي لڳ ڀڳ ساڍن ٽن سالن دوران 37 هزار 307 ارب رپين جو رڪارڊ قرض وٺڻ باوجود اڄ 12 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري تقريبن ختم ٿي چڪي آهي، بيروزگاري انتها تي پهچي چڪي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين، بجلي ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون عام پاڪستاني جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.

You might also like