سنڌ ورهائڻ جي سازش ٿي ته شاهراهون ته ڇا پر ٽرين به نه هلندي

ڪراچي(رپورٽر) سِنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته جيستائين سنڌ جو ٻچو ٻچو جيئرو آهي سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به نه ٿيندي. سِنڌ يونائٽيڊ پارٽي مرڪز طرفان ڪورنگي ۾  ٫وحدت سنڌ٫ جي نالي سان ريلي. ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سان گڏ مرڪزي اڳواڻن ڪورنگي جي عهديدارن ڪئي. ريلي جي شروعات بلال ڪالوني کان ڪئي وئي جيڪا ڪورنگي جي مُختلف علائقن کان ٿيندي چڪرا ڳوٺ گرائونڊ ۾ ختم ٿي، جتي چڪرا ڳوٺ جي  گرائونڊ ۾  جلسو ڪيو ويو،  جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه  چيو ته 27 ، 26 ترميم جي ذريعي ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري لڳايو پيو وڃي،  هي ون يونٽ واري دور کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر اسين هر اُن منصوبي کي رد ٿا ڪريون. هن چيو ته  سنڌ جي ورهاست هر صورت ۾ نه ٿيڻ ڏينداسين، اسين اهڙي تحريڪِ جي شروعات ڪئي آهي جو اوھان کان ٻٻرلو وارو ڌرڻو سنڌ جي هر شهر ۾ نظر ايندو. هن چيو ته شاهراهون ته ڇا پر ٽرين به نه هلندي. ايس يو پي، سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، منير نائچ، منير مگسي ۽ بين اڳواڻن وفاقي حڪومت کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته هوش کان ڪم وٺو. ايئن نه ٿئي جو ملڪ ڪَنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿئي ، جلسي ۾ علائقي واسين سياسي سماجي ادبي شاعرن سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

You might also like