ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيادت جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، اها ناقابل برداشت آهي.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم فساد ۽ فتني کي هٿي ڏئي نفرت جا ٻج پوکڻ چاهي ٿي، پر حڪومت سندن اها سازش ناڪام بڻائيندي.هن چيو ته حڪومت کي مصنوعي قرار ڏيندڙ ايم ڪيو ايم پهريان پنهنجو مينڊيٽ ثابت ڪري.هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم افراتفري ۽ 90ع واري ڏهاڪي واري سياست چاهي ٿي. ڀتاخوري، ٻورين ۾ بند لاش، اغوا لاءِ ڀنگ ۽ ساڙڻ ۽ گهيراءَ جي سياست ايم ڪيو ايم ئي ڏني.هن جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي صوبن بابت پنهنجو فيصلو ٺهراءَ ذريعي ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وٽ اڪثريت هجي ها ته اها مڪاني چونڊن کان فرار نه ٿئي ها.شرجيل ميمڻ اهو پڻ چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم وارا مينڊيٽ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ماڻهن کي کل اچي وڃي ٿي، سندن حقيقي اڪثريت بابت سڀني کي خبر آهي.هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڪراچي کي ٻيهر لساني جنگ ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفيٰ ڪمال جي ميئرشپ واري دور جو باقاعده فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ ۽ حساب وٺڻ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.سعديه جاويد جو چوڻ هو ته ساڍا 350 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟ آڊٽ ٿيو ته ڪمال جا سمورا ڪمال بي نقاب ٿي ويندا.