انسان جيڪي پنهنجي اصولن، نظرئي ۽ جدوجهد سان جيئن ٿا، اهي ڪڏهن به مري ناهن سگهندا. اهڙن ئي امر ۽ نظرياتي ڪردارن مان هڪ هو ڪامريڊ عبداش پنھور، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ، هارين، پورهيتن ۽ حقيقي انقلابي فڪر لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌ جي سياست، صحافت ۽ نظرياتي جدوجهد ۾ ڪجهه اهڙا ڪردار به رهيا آهن، جن ڪڏهن به صلي ۾ نام نهاد شهرت يا پئسو نه چاهيو، پر پنهنجي نظريي ۽ اصولن سان هميشه سچا رهيا. اهڙن ڪارڪنن مان هڪ ڪامريڊ عبداش پنھور هو، جنهن جي جڳ مشهور سڃاڻپ سندس نظرياتي پختگي، سدا بهار مسڪراهٽ ۽ اصول پسندي هئي. سندس خانداني ۽ اصل نالو عبدالرحمان ولد يار محمد پنھور هو، پر روسي ادب جي شاهڪار ۽ انقلابي ناولن کان متاثر ٿي، هن پنهنجي سڃاڻپ ”ڪامريڊ عبداش پنھور“ جي نالي سان قائم ڪئي. جسماني طور ڏٻرو ۽ سنهڙو، پر ذهين ۽ دليلن سان ڳالهائيندڙ، جو هر سياسي بحث ۾ پنهنجي منطق سان مخالفن کي قائل ڪري وٺندو هو. هن جي سياسي سفر جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن هو اڃا ٻار هو. ضياءُ الحق جي آمريت واري ڪاري دور ۾، جڏهن هزارين سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جيل ڪاٽيا، تڏهن سنڌ جا ٻار، نوجوان ۽ خاندان پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪري آيا. ان پُرآشوب دور ۾، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) جي اڳواڻ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جي قيادت ۾ دوڙ اسٽيشن تي جيڪو عوامي جلسو ٿيو ۽ ان تي گهراءُ ٿيو هو، ان قافلي جو عبداش به هراول دستو هو. اهي ئي اهي مظاهرا هئا جن جي گونج بي بي سي لنڊن تائين پهتي هئي. پوءِ هن پنهنجو عملي سفر ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ جي پليٽفارم تان شروع ڪيو، جنهن جو هو مرڪزي عهديدار به رهيو. هيءَ تنظيم ٻارن جي شعوري ۽ نظرياتي تربيت جو وڏو مرڪز هئي، جنهن جي مرڪزي انچارج ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، سيف سميجو، نعيم شيخ، سيف سرور ۽ ٻيا ڪامريڊ هيا جن انهن ٻارن کي نه صرف نظرياتي تعليم ڏني پر سختي سان تنظيمي نظم و ضبط جو پابند به بڻايو. عبداش روهڙي (1984ع) ۽ جيڪب آباد (1986ع) جي مرڪزي ڪنوينشنن سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين تنظيم جا دورا ڪيا ۽ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي.
ڳالهه چمبڙ جي هجي، محراب پور، ڪنڊيارو يا راڻي پور جي، جتي به سنڌ هاري ڪميٽي يا عوام جو آواز بلند ٿيندو هو، اتي عبداش پنھور انقلابي نعرا هڻندي سڀ کان اڳيان نظر ايندو هو. هو شهيد نظير عباسيءَ جي ساٿين جي انقلابي تنظيم DSF ۽ بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تائين پنهنجو سياسي سفر جاري رکندو آيو.
جيتوڻيڪ هن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ کي اکين سان نه ڏٺو هو، پر سندس سڀ کان وڏو آئڊيل ۽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي هو. جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ڪمُون شهيد کان ڪراچيءَ تائين تاريخي ”پيدل امن مارچ“ ڪيو، جنهن ۾ هن هڪ ريڙهيءَ تي شاهه جو رسالو، قرآن شريف، گيتا ۽ انجيل رکي سنڌ کي رواداري ۽ سيڪيولرازم جو پيغام ڏنو هو، ان هٿ سان هلندڙ ريڙهيءَ کي ڌڪڻ وارن مان ڪامريڊ عبداش پنھور به شامل هو! هن کي پنهنجي حياتيءَ جي ان عظيم موڙ تي هميشه فخر رهيو.
بقول ساٿين جي، ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي، ڄام ساقي ڄام ساقي!“ جيترو اهو نعرو عبداش هنيو هوندو، ٻئي ڪنهن به نه هنيو هوندو. ڪامريڊ جام ساقي سان سندس محبت جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگھجي ٿو عبداش جي ھر گفتگو ۽ تحريرن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو حوالو يا ڪو نه ڪو قول ضروري شامل هوندو هو.
اهڙيءَ طرح جڏهن ڪامريڊ اظهر جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ڪامريڊ عبداش سنڌ هاري ڪميٽي تي ڪامريڊ ثمر جتوئي ۽ ٻين ساٿين جي دل و جان سان رهنمائي ۽ تربيت ڪئي. هو آخر تائين هڪ سچو، بيباڪ صحافي ۽ سياسي ورڪر رهيو، جنهن جو واحد مقصد معاشري جي غريب ۽ مظلوم طبقي جي ڀلائي هو. عملي زندگيءَ ۾ هن صحافت جي پيشي کي چونڊيو، جتي هن هاري، پورهيت ۽ مظلوم طبقن جو آواز بڻجي لکيو. چاهي ڪجهه به ٿي پوي، هن وٽ مظلومن جي حقن لاءِ سڀ کان وڏو ۽ موثر هٿيار سندس قلم ئي هو. مختلف اخبارن ۾ سيڪڙن جي تعداد ۾ مقالا ۽ تجزياتي مضمون لکيا آهن. جيتوڻيڪ سندس وٽ علمي، سياسي ۽ صحافتي مواد جو هڪ وڏو خزانو محفوظ هو، پر قسمت جي ستم ظريفي اها رهي جو هو ان پوري اثاثي کي ڪتابي صورت نه ڏئي سگهيو.
ڪامريڊ عبداش پنھور صرف هڪ سياسي ڪارڪن نه، پر هڪ حد کان وڌيڪ زنده دل، پراميد ۽ اصول پسند انسان هو. کيس زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نااميد نه ڏٺو ويو. هو جام ساقي، صالح بلو، سوڀو ۽ ٻين رهبرن جي ورسين ۽ يادگار تقريبن ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. هو چاهيندو هو ته نئين نسل پنهنجي انهن محسنن کي ياد رکي جنهن هن ڌرتيءَ لاءِ قربانيون ڏنيون پنهنجي مسڪينن ماڻهون لاءِ ڪردار ادا ڪيو. سندس زندگيءَ جو منشور سنڌيءَ جي ان باوقار چوڻيءَ تي ٻڌل هو:
ڀلي بُک ڀرم جي، شل نه وڃي شان
هو غريب هجڻ باوجود ذاتي مفادن يا لالچن پويان ڪڏهن نه ڀڳو. سندس سڄي زندگي هڪ ڪٺن سفر جيان هئي، پر هو ڪڏهن ٿڪجي نه ويٺو. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ۽ پنهنجي مٽيءَ، پنهنجي ماءُ سنڌ جي آغوش ۾ ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي. پر سندس قلمي پورهيو، سياسي آدرش، سنڌ ڌرتيءَ سان سچائي ۽ نظرياتي جدوجهد تاريخ ۾ هميشه لاءِ زندهه رهندي.