پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي ته بي اعتمادي رٿ آڻينداسي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ کانسواءِ ڪا حڪومت ٺهي نٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ٺهي به وئي ته هلي نٿي سگهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي هن وقت حڪومت جو حصو آهي ۽ ان وٽ آئيني عهدا به آهن، جيڪڏهن پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي اپوزيشن ۾ شامل ٿئي ٿي ته اسان بي اعتمادي رٿ آڻينداسين.
هن چيو ته هن وقت اپوزيشن اهڙي صورتحال ۾ ناهي جو بي اعتمادي رٿ آڻي سگهي، في الحال ان حوالي سان ڪا سوچ ناهي ۽ نه ئي بي اعتمادي رٿ تي غور ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ آئي ته ان جو ساٿ ڏينداسين.
جي يو آءِ سربراهه حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پارلياماني طرز حڪومت کي مستحڪم ٿيڻ نه ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته معيشت ۽ مهانگائي جو مسئلو سڀني لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان بار بار چوندا رهيا آهيون ته ٻن صوبن ۾ حڪومتي رِٽ موجود ناهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڏينهن ڏٺي جو بئنڪن ۾ ڌاڙا لڳن ٿا، ڪو اهڙو نظام نظر نٿو اچي جيڪو بئنڪن يا شهرين کي تحفظ فراهم ڪري سگهي.
هن چيو ته ڪالهه اسان جي هڪ سينيٽر کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو، جنهن سبب هو چين نه وڃي سگهيو، جڏهن ته اسان جي صوبي ۾ وزيرن کي روڊن تي روڪيو وڃي ٿو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ عوام جي ڏکن جو ازالو نه پيو ٿئي. ڪجهه جماعتن احتجاج جو اعلان ڪيو ته اسلام آباد کي ڪنٽينرن سان ڀريو ويو.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان ٿيل معاهدي کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان معاهدي ۾ مصر ۽ ايران کي به شامل ٿيڻ گهرجي ها.
مولانا فضل الرحمان معدني وسيلن بابت چيو ته انهن تي صوبن جي عوام جو حق آهي ۽ اهو حق کسڻ نه ڏينداسين.
هن محسن نقوي تي تنقيد ڪندي چيو، ”تون صوبن تي ڳالهائڻ وارو ڪير ٿيندو آهين؟ تون پنهنجي ٿانوَ ملڻ واري نوڪري ڪر.“
مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ صوبن جي وسيلن جا مالڪ اتان جا عوام آهن، صوبن جي حقن جي جنگ آئين موجب وڙهنداسين.

You might also like